پاڪستان عالمي ڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، محمد عامر ۽ آصف علي ڊراپ

0Shares

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ عابد علي ۽ محمد حسنين جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته محمد عامر کي ڊراپ ڪيو ويو آهي. قومي ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ فخر زمان، امام الحق، عابد علي، بابر اعظم، شعيب ملڪ، محمد حفيظ، حارث سهيل، سرفراز احمد (ڪپتان)، عماد وسيم، شاداب خان، فهيم اشرف، حسن علي، شاهين آفريدي، جنيد خان ۽ محمد حسنين شامل آهن. انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ 17 رڪني اسڪواڊ ۾ محمد عامر ۽ آصف علي کي به شامل ڪيو ويو آهي. انضمام الحق موجب اسان وٽ 22 مئي تائين رانديگر تبديل ڪرڻ جو آپشن موجود آهي، محمد عامر ۽ آصف علي ڪارڪردگي جي بنياد تي ورلڊ ڪپ جي 15 رڪني اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهي سگهن ٿا. عماد وسيم بابت سوال تي چيف سليڪٽر چيو ته اها ڳالهه بلڪل ٺيڪ آهي ته عماد وسيم فٽنس ٽيسٽ پاس نه ڪري سگهيو پر ٽيم ڪمبينيشن ۽ صورتحال سبب هن کي ٿوري فيور ڏني وئي آهي. محمد رضوان جي ٽيم ۾ شموليت جي حوالي سان انضمام الحق چيو ته محمد رضوان اسان جو تمام سٺو رانديگر آهي ۽ اها تمام سٺي ڳالهه آهي ته هو سٺي پرفارم ڪري رهيو آهي، هن جو ٽيم ۾ شامل نه هئڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ٽيم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وڌيڪ سٺي پرفارم ڪرڻي پوندي. نوجوان فاسٽ بالر حسنين بابت سوال تي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان چيو ته محمد حسنين 150 جي رفتار سان بالنگ ڪرائيندو آهي ۽ ان سبب هن کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، الله ڪري ته هو انگلينڊ جي فاسٽ وڪيٽن تي به هلي پوي. محمد عامر جي حوالي سان چيف سليڪٽر چيو ته محمد عامر تمام تجربيڪار بالر آهي پر بدقسمتي سان عامر ڪافي عرصي کان پرفارم نٿو ڪري سگهي، ان سبب اسان محمد عامر کي انگلنڊ لاءِ ٽيم ۾ شامل ڪيو آهي، الله ڪري ته هو فارم ۾ اچي وڃي جهڙي طرح هن چئمپينز ٽرافي جي فائينل ۾ ڀارت جون شروعاتي وڪيٽون ڪيرايون هيون. محمد آصف جي حوالي سان انضمام الحق ٻڌيو ته اسان کي مڊل آرڊر ۾ ڪو اهڙو بيٽسمين گهرجي جيڪو تيزيءَ سان رنسون ڪري سگهي، اسان آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز ۾ عمر اڪمل کي موقعو ڏنو هو پر هو ڪلڪ نه ڪري سگهيو، هاڻي اسان آصف علي کي موقعو ڏئي رهيا آهيون، ٿي سگهي ٿو ته آصف علي پرفارم ڪري ڏيکاري، واضح رهي ته عالمي ڪپ 2019ع جي باقاعده شروعات 30 مئي تي ميزبان ٽيم انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ميچ سان ٿيندي.06

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں