ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته پوليس اڃان کيس ڪراچي ۾ ماريل ٻالڪ احسان شيخ واري واقعي بابت رپورٽ پيش ناهي ڪئي، پوليس آزاد ضرور آهي پر کيس ماڻهو مارڻ جو لائسنس ناهي ڏنو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه صفوران چورنگي يونيورسٽي روڊ وٽ پوليس ۽ ڌاڙيل وچ ڪراس فائرنگ جي نتيجي ۾ شھيد ٿيل ٻار احسان شيخ جي گھر پھچي ٻار جي والد ۽ خاندان جي ٻين ماڻھن سان تعزيت ڪئي. وڏي وزير چيو تھ معصوم ٻار جي زندگي ختم ٿيڻ تي دلي صدمو ٿيو آھي. ھن چيو تھ ڪنھن ماءُ جي ھنج اجڙي وڃي تھ مون لاءِ اھا ڏکوئيندڙ ڳالھھ آھي. ٻار جي والد قيصر عليءَ وڏي وزير کي ڄاڻايل واقعي بابت آگاھھ ڪيو. وڏي وزير شھيد ٻار جي والد کي پڪ ڏياري تھ سندن انصاف ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو تھ اھا پوليس جي تربيت ۾ فقدان جو نتيجو آھي. ان موقعي تي صوبائي قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب ۽ پيپلز پارٽي ايم پي اي نادر مگسي بھ موجود ھئا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير چيو تھ پوليس سنڌ حڪومت جي ماتحت آھي پر قانون ۾ ڪجھھ اھڙيون تبديليون ڪيون ويون آھن جنھن ڪري مسئلا پيدا ٿي رھيا آھن. ھن چيو تھ پوليس آزاد آھي پر ان جو اھو مقصد نھ آھي تھ معصوم ماڻھن کي قتل ڪرڻ جو لائسنس ڏنو ويو آھي. ھن چيو تھ پوليس جو بنيادي ڪم ماڻھن جي جان ۽ مال سميت آزاديءَ جو تحفظ ڪرڻ آھي پر اھڙي قسم جا واقعا افسوسناڪ آھن. ھن چيو تھ اھو ھٿيارن کان بنا خاندان ھڪ اسٽور تان سودو وٺڻ پھتو ھو تھ پوليس سڌا فائر ڪرڻ شروع ڪيا جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ 19 مھينن جو معصوم ٻار شھيد ٿي ويو ۽ اھو ھڪ نھايت ئي افسوس واري ڳالھھ آھي. وڏي وزير ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو تھ جيڪڏھن اسان ڪجھھ ڪندا آھيون تھ اسان کي چيو ويندو آھي تھ سياسي مداخلت ڪري رھيا آھيو. ھن چيو تھ اسان کي سياست ڪرڻ جو مينڊٽ سنڌ جي عوام ڏنو آھي. ھن چيو تھ سياسي حڪومت سياسي فيصلا پنھنجن ماڻھن جي مفاد ۾ ڪندي آھي تھ ان ۾ ڇا غلط آھي؟. ھن چيو تھ پوليس آزاد آھي پر ان کي صوبائي (سياسي چونڊيل) حڪومت سان صلاح بعد فيصلا ڪرڻ گھرجن ۽ اھي فيصلا يقينن بھتر پوليسنگ لاءِ سٺا ثابت ٿيندا. وڏي وزير چيو تھ مون پوليس کان رپورٽ گھري آھي ۽ جيئن ئي رپورٽ ايندي ان تي ڪارروائي ڪئي ويندي. ھن شھيد ٿيل ٻار جي والدين کي چيو تھ اھي سندن مرضيءَ سان ايف آءِ آر داخل ڪرائن. ھن ٻار جي والدين کي يقين ڏياريو تھ سنڌ حڪومت کين انصاف ڏياريندي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لياقت نيشنل اسپتال پھچي غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب حالت خراب ٿيل ٻارڙي نشويٰ جي عيادت ڪئي ۽ ڊاڪٽرن سان ٻارڙيءَ جي صحت جي حوالي سان معلومات حاصل ڪئي. وڏي وزير ڊاڪٽرن کي ٻارڙيءَ جي علاج معالج جون بھترين سھولتون فراھم ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون. وڏي وزير ٻارڙيءَ نشويٰ جي والد سان تفصيلي ڳالھھ ٻول ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سان صوبائي قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب پڻ گڏ ھو. انھيءَ کانپوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ سندس اسپتال متاثر ٿيل ٻارڙي نشويٰ کي ڏسڻ ۽ عيادت ڪرڻ لاءِ آيو آھيان. ھن چيو تھ ٻارڙيءَ جو علاج ڏيھھ ۾ ٿئي يا پرڏيھھ ۾ اسان ٻارڙيءَ جو علاج ڪرائينداسين. وڏي وزير چيو تھ قابليت جاچڻ بغير ۽ بنا ڪنھن تربيت جي ماڻھو ڀرتي ڪيا ويندا تھ پوءِ اھڙا واقعا سامھون ايندا آھن. ھن چيو تھ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ھن چيو تھ معاشري ۾ اھڙن اسپتالن کي مناسب طريقي سان ريگوليٽ ڪرڻ گھرجي. سنڌ حڪومت ھيلٿ ڪيئر ڪميشن بڻايو ھو ۽ ان ۾ جيڪي ڪوتاھيون رھجي ويون آھن انھن کي درست ڪيو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ مونکي پوليس جي ڏوھاري رويي ۽ بي حسيءَ تي افسوس ٿيو آھي. ھن چيو تھ مان ٻن ڏينھن کان انتظار ڪري رھيو ھيم تھ پوليس پاڻ ڪارروائي ڪندي ڇاڪاڻ تھ پوليس آزاد آھي پر افسوس آھي تھ رڳو ٽي وي ٽڪرز واري حد تائين ڪارروائي ھئي. ھن چيو تھ اڄ جڏھن مون معلومات حاصل ڪئي تھ اڃا تائين ڪيل ڪارروائي بابت رپورٽ ڏني وڃي تھ پوليس مونکي اڄ ھڪ خط لکيو تھ پوليس ڪارروائي ڪئي آھي. ھن چيو تھ اھا ھڪ نامناسب ڳالھھ آھي جن ماڻھن خلاف ڪارروائي ناھي ٿي، انھن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ 2008ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جڏھن اقتدار ۾ آئي تھ ان وقت حالتون تمام خراب ھيون ۽ امن امان واري صورتحال مخدوش ھئي ۽ سڄي صوبي ۾ ماڻھن جي جان ۽ مال محفوظ نھ ھئا پر اسان جي سخت محنت ۽ پوليس، رينجرز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ فوجي جوانن سندن جانين جو نذرانو ڏئي صوبي ۾ امن امان بحال ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ مخالف ڌر جي عدالت وڃڻ وارين ڌمڪين ڪري اسان پوئتي نھ ھٽنداسين. ھن چيو تھ صوبي جي ماڻھن جي جان ۽ مال جو تحفظ سنڌ حڪومت جي ذميواري آھي ۽ انکي اسان ڪنھن بھ ملھھ تي يقيني بڻائينداسين. ھن چيو تھ اسان جو بنيادي مقصد رڳو امن امان کي بحال رکڻ آھي. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو تھ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن کي پنھنجيون ذميواريون نڀائڻ سان ناھي روڪيو بلڪھ ٻن ڊاڪٽرن تي ٻڌل ڪميٽي بڻائي وئي آھي ۽ ان پنھنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آھي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ جيتري حد تائين ايف آءِ آر جو واسطو آھي تھ متاثر ٻارڙيءَ جي والد کي اھو حق حاصل آھي تھ اھو ايف آءِ آر داخل ڪرائي ۽ ھيلٿ ڪئير ڪميشن بھ پنھنجو ڪم قانوني طريقڪار تحت مڪمل ڪري. وڏي وزير چيو تھ مون ٻھ ڏينھن اڳ اسيمبليءَ ۾ چيو ھو تھ 18ھين ترميم ڪيڏانھن نھ پئي وڃي ۽ منھنجي خيال ۾ اھا ڳالھھ اتي ئي ختم ٿيڻ گھرجي ۽ جيڪڏھن ڪو ان حوالي سان ڳالھھ ڪري پيو تھ اھو رڳو ڌيان مٽائڻ لاءِ ڪري رھيو آھي. ھن چيو تھ وفاقي حڪومت جي نااھليءَ ڪري اڄ ملڪ ان ھنڌ بيٺل آھي ۽ اسان اڄ ان مقام تي بيٺل آھيون. ھن چيو تھ وفاق صوبن مان جيڪي ٽيڪس گڏ ڪندو آھي ۽ ان ۾ صوبن کي رقم ملندي آھي ان م وڏي انگ ۾ گھٽتائي آئي آھي ۽ انھن ڳالھين تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ اھڙيون ڳالھيون ڪيون پيون وڃن ۽ اھي ڳالھيون ڌيان ھٽائڻ واري حد تائين آھن. ھن چيو تھ آرٽيڪل 149 جيڪڏھن ڪنھن ناھي پڙھيو تھ اھو پڙھي تھ آرٽيڪل 149 ۾ مداخلت وارو لفظ نھ آھي ۽ وفاق ڪنھن بھ صوبائي سبجيڪٽ ۾ مداخلت ڪري ئي نھ ٿو سگھي تھ پوءِ مداخلت واري ڳالھھ ڪٿان آئي.؟ ھن چيو تھ وفاق رڳو ھدايت ڪري سگھي ٿو اھا بھ جتي صوبي جي امن کي خطرو ھجي. 2008ع ۾ صوبي ۾ خاص طور تي ھن شھر ۾ دھشتگرديءَ جو راڄ ھو پر ھاڻ تھ اھڙي ڪا بھ ڳالھھ نھ آھي. دھشتگرديءَ جو مڪمل خاتمو ڪيو ويو آھي. منھنجي خيال ۾ ھن وقت سنڌ سڀ کان پُرامن صوبو آھي انڪري مداخلت وارو سوال ئي نھ آھي اھو لفظ ئي غلط آھي انڪري مداخلت وارو لفظ استعمال نھ ڪيو وڃي ڇاڪاڻ تھ اھو وڏو ناڪاري لفظ آھي. ھن چيو تھ وزيراعظم کي گھرجي تھ ھُو سندس ماتحت ماڻھن کي مداخلت وارو لفظ استعمال ڪرڻ تي انھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ھن سوال ڪيو تھ ڇا اوھان پنھنجي گھر ۾ ڪنھن کي مداخلت ڪرڻ جي اجازت ڏيندا؟ ھن چيو تھ اسان پنھنجي صوبي ۾ ڪنھن کي بھ غيرقانوني مداخلت ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.04
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟