ملڪ کي قرض ۾ ٻوڙيندڙ ڪهڙي منهن سان اسان کي سبق سيکارين ٿا: وزيراعظم

2Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منصوبو شروعات آهي سڄي ملڪ ۾ مختلف هنڌن تي اسڪيمون شروع ڪنداسين، 50 لک گهرن جو ٽارگيٽ ڪافي وڏو آهي، سيڙپڪارن جون لائينون لڳل آهن، اسان وٽ پيسا نه آهن، بينڪ ڪرپٽ آهن، 10 سالن ۾ جيڪا ڦرلٽ ٿي سڀ کان وڌيڪ تاريخي قرض اسان تي آهي، هڪ ڏينهن 650 ارب وياج ڏئي رهيا آهيون، ملڪ کي قرض ۾ ٻوڙيندڙ ڪنهن منهن سان اسان کي سبق سيکارين ٿا، عوام ڳڻتي نه ڪري، اسان جڏهن نبي ڪريم صلم جي ٻڌايل رستي تي هلنداسين ته الله برڪت وجهندو، اسان کي پنهنجي آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو، اسان جي آبادي هڪ وڏو اثاثو آهي، 5 ارب رپيا بنا وياج قرض ڏينداسين، 25 هزار گهر راولپنڊي، اسلام آباد ۾ ٺاهي رهيا آهيون، هڪ لک بلوچستان ۽ 6 آزاد ڪشمير ۾ ٺاهينداسين، ڏکيو وقت قومن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ايندو آهي، قوم کي گهٻرائڻ نه گهرجي، اربع تي اسلام آباد ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم ٻڌايو ته جڏهن کان حڪومت ۾ پهرين ڏينهن کان منهنجي سوچ ۽ خيال بلڪل سڌو آهي ته پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست ۾ تبديل ڪرڻو آهي، پهرين ڏينهن کان ڪليئر آهيان، ڇا ڪرڻ چاهيون ٿا، هي سولو هجي ها ته 70 سالن ۾ ماڻهو ڪري چڪا هجن ها، هن چيو ته فلاحي رياست ۽ ٻئي رياست ۾ اهو ئي فرق آهي ته رياست پنهنجي ڪمزور طبقي جي ذميواري کڻندي آهي ۽ ان جي پاليسي هيٺئين طبقي کي مٿي اٿارڻ هوندي آهي، هي اسان جو ويزن آهي، هن چيو ته اسان نبي ڪريم جي رستي تي هلڻ چاهيون ٿا، اهو رستو زندگي جو مقصد آهي، پاڻ سڳورن جو رستو اهو هو ته اهي انسانيت لاءِ آيا هئا، پاڻ سڳورن جيڪو انسانيت لاءِ ڪيو ٻيو ڪنهن نه ڪيو، اسان ان رستي هلڻ چاهيون ٿا، وزيراعظم چيو ته تبديلي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ مفاد پرست ٽولو آهي، فلاحي رياست ۾ ڪمزور طبقي جي ذميواري رياست جي هوندي آهي، پاڪستان ۾ تعليم جا 3 ڌار ڌار نظام هلي رهيا آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ اسٽيٽسڪو هر شعبي ۾ تبديلي جي رستي جي رنڊڪ بڻجي ويو آهي، مفاد پرست ٽولو نظام مان فائدو حاصل ڪري رهيو آهي، هن چيو ته مفاد پرست ٽولي لٽيل اربين رپيا ٻاهرين ملڪ منتقل ڪيا. وفاقي ناڻي وزير اسد عمر نيا پاڪستان هائوسنگ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته منصوبي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پڪو پهه ڪيو آهي، هن چيو ته 50 لک گهر ٺاهڻ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاشي منصوبو هوندو، هائوسنگ منصوبي سان اڏاوت سان لاڳاپيل 40 صنعتن تي هٿي ملندي، هن چيو ته منصوبي سان نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ قرضن جي اسڪيمن کي آسان بڻايو ويندو، هائوسنگ پروگرام لاءِ 5 ارب رپين جو ريوالونگ فنڊ مخصوص ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته گذريل 10 سال معيشت تباهه ڪندڙ پاڪستان جي ترقي نٿا چاهين. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو ته ضم ٿيل علائقن جي عوام ملڪ لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون ۽ تڪليفون سٺيون آهن، انهن علائقن جي عوام جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ضم ٿيل علائقن جي عوام جي نقصان جي ازالي لاءِ حڪومت پاران اعلان ڪيل معاوضو بنا دير ڏنو وڃي، اربع تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ضم ٿيل قبائلي علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي وارو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اسد عمر، خسرو بختيار، شاهه فرمان، محمود خان، ارباب شهزاد، افتخار دراني ۽ ٻين شرڪت ڪئي، وزيراعظم عمران خان کي ضم ٿيل علائقن جي سالياني ترقياتي پروگرام ۽ ايندڙ 10 سالن جي ترقياتي منصوبن، هلندڙ مالي سال لاءِ مخصوص ۽ جاري ٿيل فنڊن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، سالياني ترقياتي پروگرام 2018-19 ۾ ضم ٿيل علائقن جي ترقي لاءِ 1186 منصوبا شامل آهن جن مان 726 هلندڙ جڏهن ته 460 نوان منصوبا آهن، انهن ۾ تعليم، صحت، مواصلات، بجلي، زراعت ۽ انفرا اسٽريڪچر جا منصوبا شامل آهن، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ضم ٿيل علائقن ۾ معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ، مواصلات جي سهولتن جي بهتري، اربن سينٽرز جي ڊيولپمينٽ، انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري، بهتر حڪومتي نظام ۽ ادارن جي تعمير ۽ ترقي 10 سالن جي ترقياتي منصوبا جا اهم ٿنڀ آهن، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم هدايت ڪئي ته ضم ڪيل علائقن جي عوام ۾ صحت انصاف ڪارڊ ورهائڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي، هن چيو ته ڀلاري مهيني رمضان دوران انهن علائقن ۾ بجلي جي فراهمي جي بهتر صورتحال لاءِ به قدم کنيا وڃن، وزيراعظم چيو ته عوامي نمائندا انهن علائقن جي عوام سان رابطا وڌيڪ تيز ڪن ته جيئن تعمير ۽ ترقي جي سفر ۾ عوام کي شامل ڪري سگهجي.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں