ڪراچي(چيف رپورٽر) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته احتساب سڀني جو ٿيڻ کپي پوليس به احتساب کان مٿاهين ناهي اسان جيڪو قانون ٺاهي رهيا آهيون ان ۾ڪنهن قسم جي مداخلت جو تصورئي ناهي، پر ڪنهن شهري سان نا انصافي ٿي ته ان کي انصاف ڏينداسي ڪنهن شهري سان نا انصافي ٿيندي ته ڪميٽي فيصلو ڪندي ڪميٽي ۾ سول سوسائٽي جا نمائندا شامل هوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ڳالهائيدي ڪيو. هن چيو ته پوليس جو ڪم پوليسنگ ڪرڻ آهي اهو ڪهڙو طريقو آهي پوليس عوام تي فائرنگ ڪري.۽ انهن جي جانين سان کيڏي اسان چاهيون ٿا ته بهتري آڻيون ۽ قانون کي وڌيڪ بهتر بڻايون .هن چيو ته اسلام آباد ۽ ڪي پي ڪي پوليس حڪومت جي ماتحت آهي پر اعتراض سنڌ حڪومت تي ڪيا وڃن ٿا.بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته پوليس کي وڏو اسلحو رکڻ گهرجي پر عوامي هندن تي استعمال ڪرڻ مناسب ناهي وزيراعلي هائوس ٻاهريان پوليس کي وڏي اسلحو رکڻ کان روڪي رکيو آهي.پر شهرين تي وڏو اسلحو استعمال ڪيو پيو وڃي. گذريل ڏينهن واري واقعي سميت 6 واقعا پيش آيا آهن اسان چاهيون ٿا ڪو به ادارو بي لگام نه هجي. ميڊيا ۽ ٻئي ذريعين سان افواهون وڌايون وينديون آهن ته پوليس کي اختيار ناهن هن چيو ته وزيراعليٰ هائوس ٻاهريان وڏو اسلحو موجود ناهي پر شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اسلحي جي نمائش ڪئي ويندي آهي سنڌ حڪومت هر ڀيري چيو ته شهري علائقن ۾ وڏو اسلحو استعمال نه ڪيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نشوا جو والد حڪومت کان مدد گهري رهيو آهي ارشاد رانجهاڻي کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو پيل لاش تي سياست ڪئي وئي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جنوري 2019 تي ٽن وڏن ادارن اين آئي سي وي ڊي، اين آئي سي ايڇ ۽ نيشنل ميوزيم کي وفاق حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو پر 90 ڏينهن پورا ٿي ويا وفاق ڪنٽرول وٺڻ جي ڪوشش به نه ڪئي صرف وڏا وڏا دعوا ڪيا ويا وفاقي حڪومت انهن ادارن لاءِ ڪا بجيٽ مقرر ناهي ڪئي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت سان ڳالهايو آهي صرف ميڊيا تي پوائنٽ اسڪورنگ ڪئي وئي ۽ ڪو اپاءُ ناهي ورتو ويو انهن ٽنهي ادارن جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت عملي اپاءُ ورتا آهن ۽ انهن ادارن جي حوالگي جي حوالي سان نظر ثاني جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي ۽ وڏي وزير هدايت ڏني آهي ته صحت کاتي کي خط لکيو وڃي جنهن ۾ چيو وڃي ته هو صرف عملي کي پگهارون ڏين باقي خرچا اسان پان کڻنداسين ۽ انهن ادارن کي سياست جي نظر نه ٿيڻ ڏينداسي ۽ عوام جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي جي مسئلن ۾ اختيار تي روئڻ نه گهرجي ۽ ڪم ڪيو وڃي اختيار وزيراعلي سنڌ وٽ رهندا اسان شهر کي روشنين جي شهر ۾ تبديل ڪيو آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟