اسلام آباد(بيورو) پاڪستان جي عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) سان معاملا طئي ٿي ويا آهن. ذريعن موجب آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ سان ٿيندڙ اجلاسن کان پوءِ پاڪستاني وفد ناڻي واري وزير اسد عمر جي اڳواڻي ۾ پاڪستان واپس پهچي ويو آهي. ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ اڃا لکت شڪل ڏيڻ باقي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان جي تجويز ڪيل اثاثا ڊڪليئرشن سان اختلاف نه ڪيو آهي، پاڪستان تجويز ڪيل اسڪيم جو مسودو آءِ ايم ايف ۽ ايف اي ٽي ايف سان اڳ ئي شيئر ڪيو هو، ايف اي ٽي ايف به اسڪيم تي ڪو به اعتراض نه ڪيو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان بيل آئوٽ پيڪيج تي صحيحون اپريل ۾ ئي ڪيون وينديون، آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان کي ملندڙ بيل آئوٽ پيڪيج ٽن سالن لاءِ هوندو پر پاڪستان کي ڇهه ارب ڊالر يا وري نو ارب ڊالر جو پئڪيج ڏيڻ اهو فيصلو ٿيڻ اڃا باقي آهي جنهن لاءِ آءِ ايم ايف جو وفد هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ دوري جي تاريخ ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ طئي ڪئي ويندي. اثاثا ڊڪليئرشن اسڪيم کي آءِ ايم ايف جي دوري کان اڳ قانوني شڪل ڏني ويندي، اثاثا ڊڪليئريشن اسڪيم جي آخري منظوري اڄ ڪابينا مان ورتي ويندي. ڪابينا جي منظوري تي هڪ ٻن ڏينهن ۾ صدارتي آرڊيننس ذريعي اسڪيم لاڳو ڪئي ويندي، آرڊيننس جاري ٿيندي اثاثا ڊڪليئرشن اسڪيم فوري طور لاڳو ٿيندي. ٻئي طرف ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي جي نتيجي ۾ مهانگائي نه وڌندي. ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته آءِ ايم ايف کان 6 کان 8 ارب ڊالرن جو معاهدو ٿيندو، آءِ ايم ايف سان ٺاهه کانپوءِ ساڍا ست ارب عالمي مالياتي بئنڪ کان ايندا. هن چيو ته آمريڪي دوري دوران ايف اي ٽي ايف جي صدر سان ملاقات ٿي، مان ڀارتي رويي بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته ايف اي ٽي ايف جي صدر خاطري ڪرائي ته فيصلا ميرٽ تحت ڪيا ويندا. ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته پرڏيهي امداد سان پاڪستان جي مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو ۽ پاڪستان جلد ئي بانڊ جاري ڪندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اصولي اتفاق ٿي ويو آهي، آءِ ايم ايف جو وفد اپريل جي آخري هفتي ۾ پاڪستان ايندو، آءِ ايم ايف سان معاهدي جي فورن بعد ورلڊ بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ کان فنڊ ملندا، معاشي سڌارن تي ڪم ٿي رهيو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام کانپوءِ ڪيپيٽل مارڪيٽ جي حالت بهتر ٿيندي، معاشي استحڪام نظر ايندو. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي جي شرطن جو عام ماڻهوءَ تي اثر نه پوندو ۽ ان سان مهانگائيءَ ۾ واڌ نه ٿيندي، آءِ ايم ايف سان 6 کان 8 ارب ڊالر جو معاهدو ٿيندو، معاهدي کانپوءِ ساڍا 7 ارب عالمي بينڪ کان ملندا، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ مان ايندڙ امداد ان کانسواءِ هوندي، جڏهن ته آءِ ايف سي کان به فنڊ ملندا. ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته گذريل حڪومت جي ڇڏيل مالي خساري سبب سخت قدم کڻڻا پئجي رهيا آهن، ملڪي معيشت ۾ بهتري بابت حڪومتي قدمن سان عوام تي بار پوندو، ن ليگ جن شين جا اگهه نه وڌايا، اهي مهانگيون ڪرڻيون پيون.. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف کي سفارشن تي عملدرآمد جو مسودو اماڻينداسين، مسودي تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ اي ٽي ايف جو وفد مئي جي ٽئين هفتي ۾ پاڪستان ايندو، اي ايم ايف سان چيني قرضن تي تازي دوري ۾ ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. هوڏانهن آءِ ايم ايف پاران جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني اختيارين ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ واشنگٽن م تعميري ڳالهيون ٿيون. پڌرنامي موجب پاڪستاني اختيارين جي درخواست تي آءِ ايم ايف جو وفد اپريل مهينو ختم ٿيڻ کان پهريان پاڪستان جو دورو ڪندو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟