ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي وزير شهلا رضا طرفان متحدا قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت وفاقي وزير خالد مقبول صديقي کي سنڌ ورهائڻ جي حوالي سنا بيان خلاف مذمتي قرارداد اڪثريتي راءِ سان منظور ڪئي وئي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿوي، اجلاس ۾ صوبائي وزير شهلا رضا طرفان وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي بيان خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو يوو آهي ته هتي مهاجر ڪوبه ناهي پر اسان سڀ پاڪستاني ۽ سنڌي آهيون ان ڪري ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي سنڌ جي ورهاڱي بيان تي معافي گهري. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه عرصي کان ڪراچي جي عوام کي بيوقوف بڻايو ويو، سنڌ ڌرتي اسان جي ماءُ آهي ۽ اسان ڪيئن ان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪري سگهون ٿا؟. شهلا رضا قرارداد ۾ چيو ته اسان کي ٻولي جي مسئلا مان اڳتي نڪرڻو پوندو. ان کانپوءِ اسيمبلي ۾ خالد مقبول صديقي جي بيان خلاف مذمتي قرارداد اڪثريتي راءِ سان منظور ڪئي وئي. ان کان اڳ اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي تقرير دوران اپوزيشن طرفان احتجاج به ڪيو ويو. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه متحدا قومي موومينٽ جو نالو وٺڻ بنا چيو آهي ته جنهن سنڌ جي ورهاڱي جو سوچو اهو ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو، ٻڌايو ٻيا گهڻا ٽڪرا چاهيو ٿا؟. صوبائي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ايم ڪيو ايم ميمبرن کي ڪنهن جي پريشر ۾ اچي ليڊر تبديل ڪرڻ جو طعنو به هنيو، هن سڌو موقف اختيار ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايو ته سڀئي ٻڏي وٺن ارڙيهين ترميم ختم نه ٿيندي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن هڪ ٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ جو منظر پيش ڪرڻ لڳو، اسپيڪر اپوزيشن ميمبرن کي چيو ته اوهان ويهي رهو، جڏهن اوهان جي قرارداد ايندي تڏهن ڳالهايو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير متحدا قومي موومينٽ ميمبرن تي ٺٺول ڪندي چيو ته ڪراچي جي ماڻهن انهن کي ڌتڪاري ڇڏيو، اهي اڄ ڪلهه پي ٽي آءِ جي پويان لڳل آهن، تمام جلد انهن کي تحريڪ انصاف جي به خبر پئجي ويندي، سندن پراڻي عادت آهي ڳالهائيندا رهندا، رولز جي خبر ناهي ۽ ڳالهيون ڪن ٿا. هن جو چوڻ هو ته پوري دنيا ڀٽو کي مڃي ٿي اهي ڪجهه به چون اسان جو ليڊر هڪ آهي ۽ هميشه مڃون ٿا، اسان انهن جيان ڪنهن ٻئي جي پريشر ۾ اچي پنهنجو ليڊر نه مٽائينداسين. وڏي وزير چيو ته تحريڪ انصاف وارا اسان جا پئسا روڪيا آهن ۽ هاڻي رهي شور مچائڻ لاءِ اچي ويا آهن ان شور ۾ به اسان انهن تي ڀاري آهيون ان تي پي ٽي آءِ ميمبرن به گوڙ ڪيو وڏي وزيري چيو ته اڄڪلهه 30 رپيا ڪلو وارا ڪدو به 65 رپيا ڪلو ٿي ويا آهن هن چيو ته ٿرڪول تي اڳ ٻن سيڙپڪارن کي پڇايو ويو پروجيڪٽ ۾ رنڊڪون آيون، ٿرڪول جي پهرين بلاڪ ۾ 4 فيز ٺهندا ٿرڪول جي ڪوئلي پاڪستان کي تبديل ڪري ڇڏيو، شهيد بينظير ڀٽو جي ڳالهه سچ ثابت ٿي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟