نيب چيئرمين شريف ڪٽنب جي عورتن کي گهرائڻ وارو نوٽيس رد ڪري ڇڏيو

2Shares

لاهور(بيورو) نيب جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال شريف خاندان جي عورتن کي موڪليل گهرائڻ وارا نوٽيس رد ڪري گهربل ڄاڻ لاءِ سوال ناما موڪلڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته هن شريف خاندان جي سمورن ڪيسنجي پاڻ نگراني جو فيصلو ڪندي واضح ڪيو ته نيب جي ڪنهن سياسي پارٽي سان ڪو به لڳاپو نه آهي، نيب هڪ خود مختيار ادارو آهي، سمورن ڪرپشن جي ڪيسن تي ميرٽ جي بنياد تي اڪلائي رهيو آهي، تفصيل موجب جاويد اقبال سومر تي نيب لاهور جي بيورو جو دورو ڪيو، جتي ڊي جي لاهور شهزاد سليم پاران کيس ميگا ڪرپشن ڪيس خاص طور تي شريف خاندان سان لاڳاپيل ڪيس جن ۾ ڪمائي کان وڌيڪ ملڪيتون ۽ مني لانڊرنگ جا ڪيس شامل آهن، انهن تي بريفنگ ڏني، نيب چيئرمين پاران فيصلو ڪيو ويو ته شريف خاندان جي سمورن ڪيسن جي سڌي سنئين نگراني هو پاڻ ڪندو، جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال مسمات نصرت شهباز، مسمات رابع عمران ۽ مسمات جويريا علي کي نيب لاهور پاران موڪليل طلب ڪرڻ وارا نوٽيس رد ڪندي کين لاڳاپيل ڪيس جي حوالي سان نيب کي گهربل ڄاڻ لاءِ سوال ناما موڪلڻ جا حڪم جاري ڪيا، نيب لاهور پاران شريف خاندان جي عورتن کي ڪمائي کان وڌيڪ ملڪيت رکڻ ۽ مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ ترت سوال ناما موڪلڻ جي هدايت ڪئي، ڄاڻايل اپاءَ ان ڳالهه کي ظاهر ڪن ٿا ته نيب عورتن جي عزت، چادر ۽ چارديواري تي يقين رکي ٿي، ان موقعي تي نيب جي چيئرمين چيو ته احتساب سڀني جي لاءِ پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته نيب جو ڪنهن سياسي پارٽي جو سان ڪو به تعلق نه آهي، نيب ڪنهن به دٻاءَ کي پاسي تي رکندي قانون ۽ آئين کي نظر ۾ رکي ڪم ڪري رهيو آهي، نيب جي نظر ۾ سڀ ڏوهاري هڪجهڙا آهن، جڏهن ته سمورن ميگا ڪرپشن ڪيسن کي ميرٽ جي بنياد تي اڪلايو ويندو، هن واضح ڪيو ته نيب جو لاڳاپو رڳو پاڪستان رياست سان آهي.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں