ٻاهرين ملڪ سفر تي پابندي بابت ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي طلب، ڇا حڪومت جو دٻاءُ آهي؟: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

3Shares

اسلام آباد(بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نور نمر مجيد ۽ ساره ترين کي ٻاهرين ملڪ سفر ڪرڻ واري معاملي تي ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي کي ذاتي طور تي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي سومر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نور نمر مجيد ۽ ساره ترين تي ٻاهرين ملڪ سفري پابندي واري معاملي تي ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق ڪئي عدالت ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي کي ذاتي طور تي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته قانوني پسمنظر ۾ ٻڌايو ته درخواست گذارن تي ڇو سفر جون پابنديون لڳايون، ڇا حڪومت جو پريشر آهي ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته نه ڪوئي دٻاءُ نه آهي عدالت چيو ته جيڪڏهن درخواست گذارن قانون ٽوڙيو ته پوءِ انهن جو نالو اي سي ايل ۾ وجهو. عدالت چيو ته جيڪو ڪرڻو آهي قانون جي دائري ۾ ڪريو عدالت چيو ته ايف آءِ اي قانوني گهرجون پوريون ڪري. ڊپٽي گهرو سيڪريٽري چيو ته ايف آءِ اي جي درخواست تي جوابدارن جو نالو پي اين آءِ اي ۾ وڌو. عدالت چيو ته پي اين آءِ ايل مطابق ته جوابدارن جو نالو 30 ڏينهن لاءِ وڌو وڃي ٿو. عدالت چيو ته هاڻي جڏهن 30 ڏينهن گذري ويا ته نالو واپس نه پيو ڪڍيو وڃي. جسٽس عامر فاروق چيو ته ايف آءِ اي ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل راجا خالد عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيا عدالت ايف آءِ اي ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل راجا خالد کي ڇنڊ پٽي. ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق گهرو وزارت جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا اوهان کي ڪم ناهي ڪرڻو ته ڇا عدالتن کي ڪم ڪرڻو آهي. جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته 30 ڏينهن جڏهن گذري چڪا ته نالو ڇو نه ڪڍي رهيا آيو ڇا ڪوئي سياسي پريشر آهي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 17 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں