لاهور (بيورو) آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ واري ڪيس ۾ شريف خاندان جي خلاف جاچ جو دائرو وڌيڪ وسيغ ڪري ڇڏيو. نيب لاهور پاران شهبازشريف جي اهليه ۽ ٻنهي صاحبزادين کي گهرائي ورتو. ذريعن موجب حمزه شهباز کي آئينده هفتي دوران جاچ جي لاءِ طلب ڪيو ويو آهي. حمزه شهباز شريف کي نيب پاران 16 اپريلتي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ جڏهن ته 15 اپريل تي حمزه شهبازشريف کي چنيوٽ ملز ڪيس ۾ وڌيڪ ثبوت ملڻ تي گهرايو ويو. ذريعن مطابق شريف جي صاحبزادين کي وڌيڪ اثاثا واري ڪيس ۾ 18 اپريل تي جڏهن ته رابعه شريف جڏهن ته 19 اپريل تي جويريه شريف نيب ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ذريعن موجب آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نيب چيئرمين پاران شهبازشريف جي اهليت نصرت شهبازشريف جي خلاف باقائده جاچ جي منظوري ڏني آهي جنهن بعد لاهور نيب پاران نصرت شهباز کي 17 اپريل تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب شهبازشريف پنهنجي اهليه نصرت شهباز کي ڪروڙين رپين جي ماليت جا اثاثا تحفي ۾ ڏنا ويا آهن جڏهن ته ميان شهبازشريف پنهنجي اهليه کي 5 ڪروڙ 57 لک 72 هزار جي رقم پڻ تحفي ۾ ڏني آهي. ٻئي طرف نيب ٽيم مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پوليس پارٽي سان گڏ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي ڌيءُ جي گهر نوٽيس ڏيڻ پهچي وئي. ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب الزام هنيو آهي ته نيب جي ٽيم پوليس سان گڏ ماڊل ٽائون ۾ نواز شريف جي ڌيءُ جي گهر جو گهيرو ڪيو. سندس چوڻ هو ته نيب ڪنهن کي به اهڙي ريت نوٽيس وصول ڪرائيندو آهي، اهي ڪهڙي قسم جون ڪارروائيون آهن. هوڏانهن نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف جي ڌيءُ جي گهر تي ڇاپو ناهي هنيو ويو، شهباز شريف جي ڌيءُ جي گهر جو گهيرو ڪرڻ جي خبرن ۾ ڪا سچائي ناهي، مخصوص عنصر نيب کي بدنام ڪرڻ لاءِ من گهڙت پروپئگنڊا ڪري رهيا آهن. نيب پڌرائي موجب ٽيم شهباز شريف جي نياڻين جي گهر طلبي نوٽيس پهچائڻ وئي، طلبي جو نوٽيس ذاتي طور وڃي وصول ڪرايو ويندو آهي. نيب چيو آهي ته پوليس جي اڪيلي گاڏي سيڪيورٽي لاءِ ٽيم سان گڏ هئي، شريف خاندان خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مبينا مني لانڊرنگ ڪيس تي جاچ جاري آهي. نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ شهباز شريف جي گهر ڀاتين کي 16 اپريل تي طلب ڪيو آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟