ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي پوليس سان اختلاف وڌي ويا ۽ سنڌ حڪومت جي سڌ سماءُ بابت صلاحڪار بيئرسٽر مرتضيٰ وهاب پوليس جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. صوبائي صلاحڪار چيو ته پوليس جو ڪم پوليسنگ ڪرڻ آهي ۽ اسان جو ڪم قانوسازي ڪرڻ آهي، پر ائين لڳي ٿو ته ڪجهه آفيسرن پاليسي ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيند مرتضيٰ وهاب چيو تهٻه ڏينهن پوليس ڪانفرنس هلي رهي هئي، ان دوران سنڌ ۾ پنج قتل ٿيا، ارشاد رنجهاڻي کي مٿي ۾ گوليون هنيون ويون جڏهن ته امن امان جي صورتحال خراب ٿي آهي اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ ٿي آهي. پوليس جو ڪم ڪانفرنس ڪرڻ ناهي پوليسنگ ڪرڻ آهي، جن ماڻهن جو تعلق عوام سان ناهي هوندو اهي اهڙا منصوبا آڻيندا آهن. سندس چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي ۾ هن سال شروعات ۾ ٽياڪڙي جي ڪردار کي ڪارائتو بڻائڻ لاءِ هڪ بل پاس ڪيو ويو آهي. سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبو آهي جتي اهو قانون آيو آهي. هن چيوته انصاف ڪنهن معاشري جو اهم جزو آهي. هن قانون ذريعي اسان انصاف عام غريب ماڻهو تائين پهچائڻ چاهيون ٿا. مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ اسيمبلي ريڪارڊ قانوسازي ڪئي آهي. اسيمبلي ڪم ڪري رهي آهي هاڻ ججن کي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت نئين پوليس ايڪٽ کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. نئين ايڪٽ تحت پوليس آفيسرن جي بدليون ۽ مقرريون اعليٰ اختياراتي ڪميٽي ڪندي. عدالتي فيصلي تحت اڳوڻو ۽ آءِ جي اي ڊي خواجا ۽ موجودا آءِ جي ڊاڪٽر ڪليم امام اهو اختيار استعمال ڪري رهيا هئا. وڏي وزير ان بي اختياري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري چڪو آهي. سنڌ سرڪار پوليس آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جو اختيار واپس وٺڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهي آهي. سنڌ حڪومت پوليس ايڪٽ 2019ع مسودي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. نئين پوليس ايڪٽ کي هلندڙ مهيني جي آخر تائين سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. نئين پوليس ايڪٽ ۾ بدلي ۽ مقرري جو اختيار اعليٰ اختياراتي ڪميٽي وٽ هوندو. ان دوران ٽرانسفر جو فيصلو به ڪميٽي ڪندي. هر پوليس آفيسر کي هڪ مخصوص مدي لاءِ مقرر ڪيو ويندو. نئين ايڪٽ تحت پوليس آفيسرن جي ڪارڪردگي جي نگراني لاءِ صوبائي سطح تي پبلڪ سيفٽي ڪميشن جوڙي ويندي. جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جا مخالف اڳواڻ ۽ ريٽائرڊ جج پڻ شامل هوندا. شهري جي شڪايتن جي ترت ازالي لاءِ صوبائي سطح تي ڪمپلين رجسٽر ڪميٽي به بڻائي ويندي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟