اسلام آباد (بيورو) اطلاعات ۽ نشريات کاتي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عليم خان تي سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻ جو ڪوبه الزام ناهي. عليم خان کي به ضمانت ملڻ گهرجي.اطلاعات واري وزير فواد چوڌري سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته اربين روپيه ڪرپشن ڪندڙن کي ته ضمانت آساني سان ملي سگهي ٿي پوءِ هڪ ڪاروباري ماڻهو کي ضمانت ڇو نٿي ملي.؟ عام تاثر آهي ته عليم خان مخالف ڌر جي گوڙ ڪرڻ سبب نه ڪيل ڏوهه جي سزا ڀوڳي رهيو آهي. عليم خان جو ڏوهه ايترو وڏو ناهي جنهن جي ان کي ايتري وڏي سزا ڏني پئي وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن اربين روپيه کائيندڙ ڏوهارين کي آرام سان ضمانت ملي ٿي سگهي ته هڪ ڪاروباري شخص جنهن مٿان سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻ جو ڪوبه الزام ناهي ان کي به ضمانت تي آزادي ملڻ گهرجي. ٻئي طرف نيب سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري جي بيانن جو نوٽيس ورتو آهي. نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب فواد چوڌري طرفان عليم خان جي ڪيس بابت بيان جو نوٽيس ورتو ويو آهي، وفاقي وزير طرفان نيب بابت ماضي ۽ تازن بيانن جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي جائزو ورتو ويندو ته فواد چوڌري نيب جي معاملن ۾ مداخلت جي ڪوشش ته نه ڪئي، وفاقي وزير جا بيان جاچ جي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ته ناهن. پڌرائيءَ موجب نيب جو واسطو ڪنهن سياسي جماعت، گروهه يا فرد سان ناهي، نيب جي پهرين ۽ آخري وابستگي رڳو رياست پاڪستان سان آهي. نيب طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب قومي احتساب بيورو ڦُريل ناڻي جي واپسي لاءِ ڪم ڪندڙ سڀ کان وڏو ادارو آهي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟