ڊي جي نيب ٻڌايوته اسان تي دٻاءُ آهي، حڪومت سان طئي ڪري وٺو ته معاملو ختم ڪري ڇڏينداسين: حمزه شهباز

1Shares

لاهور  (بيورو) مسلم ليگ (ن)  جي اڳواڻ حمزه شهباز لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته  آمدني کان وڌيڪ اثاثن متعلق ڪيس پراڻو آهي   پر نيب جون ڪارروايون صرف شريف خاندان کي نشانو بڻائڻ آهي. هن چي ته گذريل 10 ڏينهن جي نيب  ڪاررواين مان لڳي ٿو ته 20 ڪروڙ ماڻهن مان صرف شريف خاندان ئي  آهي، هن چيو ته  منهنجي ٻن ڀينرن  کي به طلب ڪيو ويو آهي، 6 مهينن  کان جاچ هلي رهي هئي، هاڻي اوچتو ڪهڙي تبديلي اچي وئي آهي. ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ڊي جي نيب مون کي چيو ته جعلي ڊگري بابت قرارداد واپس  وٺو ته اوهان کي نه گهرائينداسين.04

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں