ڪوئيٽا ۾ وري دهشتگردي، بم ڌماڪو، 20 ڄڻا شهيد، 48 زخمي

2Shares

ڪوئيٽا (بيورو) بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪو ٿيو  جنهن جي نتيجي ۾ 20 انسان موت جي ور چڙهي ويا جڏهن ته 48 کان وڌي زخمي ٿي پيا. زخمين  کي سول اسپتال، بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس  ۽ شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي جڏهن ته مارجي ويلن جا مڙهه به اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.  ڌماڪي بعد وڏي انگ ۾ سڪيورٽي اهلڪار به پهچي ويا جن علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ڀر پاسي ۾ سرچ آپريشن پڻ ڪيو ويو. ڊي آءِ جي ڪوئيٽا  عبدالرزاق چيما پاران بم ڌماڪي ۾ 20 ماڻهن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي ، ڊي آءِ جي ڪوئيٽا موجب ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ هڪ ايف سي اهلڪار ۽ 7 هزارا برداري سان تعلق رکندڙ ماڻهو به شامل آهن جڏهن ته واقعي ۾ 40 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا..ڊي آءِ جي ٻڌايو ته هزار ڪميونٽي جا ماڻهو روزانو هتي قافلي جي صورت ۾ ڀاڄيون وٺڻ ايندا آهن جن کي سيڪورٽي ڏيڻ لاءِ پوليس ۽ ايف سي جا اهلڪار به هوندا آهن . هزارا ڪميونٽي جا ماڻهو 11 گاڏين جي قافلي ۾ آيا جن ۾ 55 ماڻهو سوار هئا ۽ معمول موجب پوليس اهلڪارن کين مارڪيٽ ۾ ڇڏي پوزيشنون سنڀالي ورتيون .پٽاٽن جي دڪان مان سامان گاڏين ۾ رکندي ڌماڪو ٿيو جڏهن ته ڌماڪيدار مواد پٽاٽن جي ٻورين ۾ لڪايو ويو هو. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا جي سبزي منڊي ۾ ڌماڪي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. رپورٽن موجب وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪندي قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو . وزيراعظم عمران خان زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڌماڪي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ٻئي پاسي صدر پاڪستان عارف علوي پڻ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙا ڌماڪا قوم جي عزم کي پختو ڪندا آهن ته دهشتگردي جي باقيات جو خاتمو ضروري آهي. مخالف ڌر اڳواڻ شهاز شريف به مذمت ڪندي چيو ته دهشتگرد پاڪستان جي ماڻهن جي حوصلي ۽ همت تي حملو ڪندا آهن، پاڪستان جي ادارن ۽ عوام دهشتگردي جي خاتمي لاءِ  لازوال قربانيون ڏنيون آهن.  بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال دهشتگردي جي بزدلاڻي ڪارروائي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته واقعي جي شهيدن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، انسانيت  جا دشمن دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته پرامن ماحول خراب ڪرڻ جي سازش کي ناڪام بڻائڻو جو ملڪ مان خاتمون پهرين ترجيح آهي، دهشتگردي ڪنهن رعايت جا حقدار ناهن. سڌ سماءِ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪندي دهشتگرد امن کي نقصان پهچائي ترقي کي نشانو بڻائڻ چاهين ٿا، بهادر قوم اهڙي عمل  جو ڄمي مقابلو ڪندي آئي آهي، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو. پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جي حملن جو قوم سدائين ايڪي سان مقابلو ڪيو آهي، ادارن ۽ عوام پنهنجي رت سان امن جي لاٽ روشن ڪئي، ڪنهن دشمن کي امن جي لاٽ وسائڻ نه ڏينداسين.03

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں