نيب کي فلور ملز پويان ملوث ماڻهن جا نالا ظاهر ڪرڻ ۽ نثار کهڙي خلاف مڪمل جاچ ڪرڻ جو حڪم

2Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اربين رُپين جي ڪڻڪ گُم ٿيڻ واري معاملي تي حڪم ڏنو آهي ته فلوز ملز ملڪ ۽ واڳيل اختياريون گڏجي معاملو طئه ڪن. عدالت نيب کي نثار کهڙو خلاف جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته نيب فلور ملز پويان ملوث ماڻهن کي ظاهر ڪري. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گودامن مان اربين رُپين جي ڪڻڪ غائب ٿيڻ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران زبير سوڌو ٻين جوابدارن ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي. جوابدارن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جوابدار طئه ٿيل رقم حڪومت کي واپس ڏيڻ لاءِ تيار آهن، پر نيب وياج مٿان وياج لڳائڻ گهري ٿو. وياج حرام آهي، تنهن ڪري ملز مالڪ وياج نٿا ڏيڻ گهرن. جنهن تي چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏيندي چيو ته حرام جي پئسن ۾ گهڻو مزو هوندو آهي، ڪرپٽ ماڻهو اُن پئسي کي ئي پنهنجو سڪون سمجهندا آهن. منهنجي نظر ۾ گرمي ۽ اُس تي ڪم ڪندڙ پورهيت ۽ هاري احترام لائق آهن. چيف جسٽس چيو ته واپاري پورهيتن جو حق ڦٻائيندا آهن ۽ ڪڏهن به پنهنجي کيسي مان خرچ ناهن ڪندا، عدالت ڪڻڪ جي واپسي لاءِ طريقيڪار طئه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته نيب، بئنڪر، خوراڪ کاتو ۽ جوابدارن جا نمائندا پاڻ ۾ پهرين معاملا طئه ڪن. عدالت ڌُرين کي 3 مئي تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اُن کان اڳ ٻڌڻيءَ دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ملز مالڪ رڳو نقصان جي رقم ڏئي رهيا آهن، مارڪ اپ نٿا ڏين، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جوابدارن کي مارڪ اپ سوڌو سموري رقم ادا ڪرڻي پوندي. نيب کي چئون ٿا ته انهن ماڻهن جا به نالا ظاهر ڪري، جن جو فلور ملز پويان هٿ هو. عدالت نيب جي جاچ آفيسر کان پُڇيو ته ٻڌايو نثار کهڙو کي ڪڏهن سمن جاري ڪيو؟ جاچ آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته نثار کهڙو ۽ سيڪريٽري فوڊ سجاد عباسي خلاف جاچ جاري آهي. عدالت حڪم ڏنو ته جيستائين فلور ملز مالڪن خلاف معاملا هلي رهيا آهن، تيستائين پ پ اڳواڻ نثار کهڙو خلاف به جاچ مڪمل ڪري وٺو.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں