“آصف زرداري سهڪار نه پيو ڪري” نيب عبوري ضمانت رد ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي

7Shares

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نيب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي معاملي تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو اهي جنهن ۾ نيب پاران آصف علي زرداري جي ضمانت جي درخواست رد ڪرڻ جي اپيل ڪئي ويئي جمعي تي نيب جواب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ضمانت خارج ڪرڻ جي اپيل ڪئي نيب جواب ۾ چيو ته آصف علي زرداري رليف ڏيڻ جو حقدار نه آهي آصف علي زرداري جا هٿ صاف نه آهن نيب چيو ته آصف علي زرداري عدالت کي گمراهه ڪيو آصف علي زرداري جي گرفتاريکان اڳ واري درخواست رد ڪئي وڃي هن چيو ته آصف علي زرداري ٻين جوابدارن جي گڏيل صلاح سان نيشنل بئنڪ کان ڏيڍ ارب قرض ورتو جواب ۾ چيو ويو ته آصف زرداري فراڊ سان فرنٽ ڪمپني پير ٿينون ٺاهي نيب اپيل ڪئي ته پاڪ لين ڪمپني ۾ آصف علي زردري جي ضمانت رد ڪئي وڇي ياد رهي ته نيب سپريم ڪورٽ جي هدايت تي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي.

7Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں