گهوٽڪي/خانپور مهر/ڏهرڪي(نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هي ڪهڙي حڪومت آهي، جيڪا هڪ سال اندر ٽي، ٽي بجيٽ پيش ڪري چڪي آهي. گهوٽڪي ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته هي نااهلن جو ٽولو آهي، جن کان حڪومت سنڀالي نه پئي سگهجي. عمران خان چيو هو ته هو قرض نه وٺندو، ڇو ته ان سان ملڪ جي سلامتي گروي ٿي ويندي آهي، عمران خان چيو ته هو خودڪشي ڪندو پر قرض نه وٺندو، آءِ ايم ايف وٽ نه ويندو. هن چيو ته جيڪو ڊالر 100 رپين جو هو اهو هاڻي 142 رپين جو ملي رهيو آهي. هنن جي ايمنسٽي اسڪيم ٽيڪس ڏيڻ وارن جي منهن تي هڪ چماٽ آهي. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ڪٺ پتلي چيو هو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندو، اڄ نوجوان بيروزگاري سبب روئي رهيا آهن. 50 لک گهر ٺاهڻ جو واعدو ڪيو هو. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته هي ارڙهين ترميم ختم ڪري صوبن جي حقن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، هي ون يونٽ ٺاهي وفاق کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، ون يونٽ سان پهرين به ملڪ ٽٽو هو، ڇا هي هاڻ به ملڪ کي ٽوڙڻ چاهين ٿا. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته مان ڪٺ پتلي وزيراعظم کي خبردار ڪرڻ چاهيان ٿو ته ارڙهين ترميم کي ختم ڪري عوام جا حق غصب ڪرڻ ۽ ون يونٽ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ دمادم مست قلندر ٿيندو. جڏهن ته ٻئي طرف جلسي کي پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه خطاب ڪيو. هن چيو ته هڪ دفعو وري وزيراعظم هائوس مان رڙيون اينديون، فواد چوڌري رڙين جي ريهرسل ڪري رهيو آهي. عاجز ڌامراهه چيو ته سياسي يتيمن جي ٽولي سان ملي ڪري عمران خان سنڌ کي ڇا ٿو ڏئي سگهي؟ سنڌ جي سياسي يتيمن تي هاڻي ڪو سياسي ٽڪو به اثر ڪندو. پ پ چيئرمين چيو ته ڪوئيٽا ۾ ايترو وڏو سانحو ٿي ويو پر اسان جو وزيراعظم هن مهل تائين اتي ناهي پهتو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪمرانن وٽ رڳو پنڻ جي پاليسي آهي، 18هين ترميم سان هٿ چراند ٿي ته دمادم مست قلندر ٿيندو، اهي شهيد ڀٽو جو آئين تبديل ڪرڻ چاهين ٿا، آهستي آهستي 18هين ترميم ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جو حق ڦٻائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڇا ون يونٽ نظام آڻي ملڪ ٽوڙڻ چاهيو ٿا؟ پهريان به ون يونٽ سان ملڪ ٽٽو هو، صوبا مضبوط ٿيندا ته وفاق مضبوط ٿيندو، پر بي نامي وزيراعظم ماڻهن جا حق ختم ڪرڻ چاهي ٿو، منهنجي گهوٽڪي ۾ اچي چون ٿا ته وفاق ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي رهيو آهي، ٻڌ ڪٺ پتلي! وفات رڳو تنهنجي معاشي پاليسين سبب ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ناالن جو ٽولي کان ملڪ نٿو سنڀالجي، عمران خان چيو هو ته آپگهات ڪندس پر قرض نه وٺندس ۽ آءِ ايم ايف وٽ نه ويندس، جيڪو ڊالر 100 رپين جو هيو، اهو اڄ 142 رپين جو ٿي ويو آهي، ايمنسٽي اسڪيم ٽيڪس ڏيندڙن جي منهن تي چماٽ آهي، ايمنسٽي اسڪيم ذريعي توهان ڪنهن جو ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ چاهيو ٿا، جهانگير ترين جو، پنهنجو يا عليما باجي جو؟ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اسان احتساب جي خلاف ناهيون پر احتساب جو نظام صاف ۽ شفاف هجڻ گهرجي، نيب پشاور بي آر ٽي ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ هٿ ڇو نٿي وجهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟