ٿر واسين کي مفت بجلي ۽ ٻه يونيورسٽيون ڏيڻ جو اعلان، ٿرڪول رٿا تي پهريون حق ٿرين جو آهي: بلاول

10Shares

مٺي/اسلام ڪوٽ (رپورٽ: وير وڪرم ڪرماني+ رزاق بجير) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءِ اسلام ڪوٽ ۽ ٿرپارڪر کي بجلي مفت فراھم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آھي تھ بل جي مد ۾ سنڌ حڪومت بل ادا ڪندي. ھن چيو تھ اھا ڪاميابي اوھان جي ڪاميابي آھي ٿر جي ڪاميابي آھي، سنڌ جي ڪاميابي آھي، پاڪستان جي ڪاميابي آھي، ان کي اسان گوڊ گورننس چوندا آھيون. ھن اھو خطاب ٿر ۾ ڪوئلي مان 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندڙ ڪول پاور پلانٽس جو افتتاح ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو تھ ٿر ڪول جي ڪھاڻي تمام ڊگھي آھي جنھن کي اسان ايئن شروع ڪري سگھون ٿا تھ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ٿر جي زمين واپس ڏياري. ھن چيو تھ اڄوڪو ڏينھن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت لاءِ تمام اھمت وارو آھي. بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو تھ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو لاھور ۾ سندس حق لاءِ نڪتي ۽ ضياءَ جي آمريت کي للڪاريو. ھن چيو تھ اڄ مون کي فخر آھي تھ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو ۽ ان وقت جي وزيراعليٰ سنڌ عبداللھ شاھھ ھن رٿا جي شروعات ڪئي. ھن چيو تھ اھو منصوبو ھتان جي ماڻھن لاءِ فائيديمند ھوندو. ھن چيو تھ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو نظريو ان منصوبي سان ظاھر ٿي رھيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو تھ سنڌ حڪومت شھيدمحترمھ بينظير ڀٽو جو ويزن ۽ مشن اڳتي وڌائي رھي آھي. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت پاڪستان جي سڀ کان وڏي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ذريعي ميگا منصوبا مڪمل ڪري رھي آھي. بلال ڀٽو زرداريءَ چيو تھ برطانيا جي ڪمپنيءَ سموري ايشيا جي پبلڪ سيڪٽر ۾ ڪم ڪرڻ جي لسٽ جاري ڪئي جنھن ۾ سڄي ايشيا ۾ سنڌ حڪومت ڇھين نمبر تي آھي ۽ اھا سنڌ ۽ پاڪستان جي ڪاميابي آھي. ھن چيو تھ اڄ بجلي پيدا ٿي رھي آھي جيڪا نيشنل گرڊ ۾ وڃي رھي آھي. ھن چيو تھ سنڌ جي ڪاري سون مان بڻجندڙ بجلي سڄي پاڪستان کي ڏئي رھيا آھيون، ان منصوبي ۾ ٿر جو پگھر شامل آھي تھ پھريون حق ان جو بڻجي ٿو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ اعلان ڪندي چيو تھ اسان چاھيون ٿا تھ ٿر ۾ سمورا ضروري وسيلا ھئڻ گھرجن. ٿر ۾ يونيورسٽي ھجي، ٿر ۾ ھڪ نھ ٻھ يونيورسٽيون ھئڻ گھرجن. ھن چيو تھ في الحال وڏي وزير کي چوندس تھ فوري طور تي اين اي ڊي يونيورسٽيءَ جو ڪيمپس ٿر ۾ قائم ڪيو وڃي. ھن چيو تھ سنڌ جي وڏي وزير کي درخواست ڪريان ٿو تھ جلد ڪم شروع ڪيو وڃي. ھن چيو تھ ٿر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت جو ڪم نظر اچي رھيو آھي. اسان چين جي حڪومت جا ٿورائتا آھيون انھن ڀرپور ساٿ ڏنو. بلال ڀٽو زرداريءَ چيو تھ ٿر جون عورتون جن وٽ ڪمائڻ جو ڪو بھ ذريعو نھ ھو اھي بھ ان منصوبي ۾ ڪم ڪري رھيون آھن. ٿر ۾ موڊل وليج بڻايو جنھن ۾ ٿر جا رھواسي ڪم ڪري رھيا آھن، سٺي حڪومت جي مثال اھڙي ھوندي آھي. ھن چيو تھ ھر ايندڙ ڏينھن ڪنھن نھ ڪنھن منصوبي جي افتتاح لاءِ سنڌ جو وڏو وزير وٺي ويندو آھي ان کي پڻ ڪاميابي چئبو آھي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو گذريل پنجن سالن کان وڏا وڏا وعدا ڪيا ويا پر اڃا تائين ڪوبھ ميگا منصوبو صوبائي حڪومت کي ناھي ڏنو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو ته  ڪوئلي مان بجلي بڻائڻ ايٽم بم بڻائڻ کان گھٽ نھ آھي  اسان چاھيون ھا تھ انھن 700 ملين ڊالرز سان روڊ ۽ ميٽرو ٺاھي سگھون پيا. ٿر ڪول ۾ پاور پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاھھ چيو تھ گذريل حڪومتن ٿر پاور پروجيڪٽ ۾ دير ڪئي. ھن چيو تھ محترمھ شھيد بينظير ڀٽو جو خواب ھو تھ ٿر جي ڪوئلي مان بجلي بڻائي وڃي. مراد علي شاھھ چيو تھ ڪوئلي مان بجلي بڻائڻ ايٽم بم بڻائڻ کان گھٽ نھ آھي. اسان کي چيو ويو تھ ھي ڪوئلو نھ آھي پر اسان يوٽرن نھ ورتو. ڪا ٻئي حڪومت ھجي ھا تھ اڃا تائين اھو منصوبو ختم ڪري ڇڏي ھا. وڏي وزير چيو تھ ٿر پاور پلانٽ ذريعي اسان پنھنجو قيمتي ناڻو بچائي سگھون ٿا. ٿر پاور پروجيڪٽ لاءِ شروع ۾ ڪوبھ دلچسپي نھ پيو وٺي، ڪو پرڏيھي بھ ان لاءِ تيار نھ ھو. آصف علي زداريءَ ٿر ڪول انرجي بورڊ ۾ وفاق جي نمائندي کي وائس چيئرمين ۽ سيد قائم علي شاھھ کي چيئرمين بڻايو. ھن وڌيڪ چيو تھ پاور پلانٽ کي ھلائڻ لاءِ ٿر جي انجنيئرز کي چين ۾ سکيا ڏني وئي. ٿر مان پيدا ٿيندڙ بجلي کي نيشنل گرڊ کي ڏئي پاڪستان کي روشن ڪيو. اھو بلاڪ ٽو جو پھريون پروجيڪٽ آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھھ، نثار احمد کھڙو سميت صوبائي ڪابينا ۽ سينئرز کي واڌايون ڏيندي چيو تھ ٿر جا اصل مالڪ ٿرين کي سلام پيش ڪريان ٿو. ھن چيو تھ اڄ اسان تاريخ جوڙي ڪئي آھي، ٿر بدلايو آھي پاڪستان. ھن چيو تھ صدر آصف علي زرداريءَ جي ھدايت تي اڄ ناممڪن کي ممڪن بڻايو آھي، جنھن جي مان سڄي پاڪستان کي مبارڪباد ڏيان ٿو. ھن چيو تھ اسان جي ملڪ جي وسيلن کي ڪم ۾ آڻيندي ترقيءَ کي ھلائي سگھجي ٿو، ٿر پاور پلانٽ ھڪ وڏي ڪاميابي آھي. وڏي وزير چيو تھ شھيد بينظير ڀٽو ٿر ڪو ڪارو سون دريافت ڪيو ۽ 1996ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي حڪومت ختم ڪري منصوبي جو خاتمو ڪيو ويو. منصوبي کي ٻيھر شروع ڪيو ويو تھ ان وقت جي وفاقي حڪومت 2.76 جي فرق سان ختم ڪيو. ھن چيو تھ سيد قائم علي شاھھ ۽ مون ان وقت جي معيشت کي ڏسندي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ھدايت تي ٿر ڪول ڪمپني بڻائي ۽ ان جي افتتاحي تقريب بلاول ھائوس ۾ منعقد ڪئي. ان وقت اينگرو چيو ھو تھ اسان ڪنداسين پر سنڌ حڪومت جي شراڪتداري ضروري آھي. وڏي وزير چيو تھ اسان حامي ڀري ۽ اينگرو سان گڏ ڪم ڪيو. مراد علي شاھھ چيو تھ اسان يوٽرن نھ ورتو، اسانکي ڊسٽرائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اسان کي چيو ويو تھ ان منصوبي ۾ ھٿ نھ وجھو پر پوءِ بھ اسان يوٽرن نھ ورتو. وڏي وزير چيو تھ فني مسئلا گھڻا ھئا ڪنھن اڳ اوپن پٽ مائننگ نھ ڪئي ھئي. ھن چيو تھ مان جڏھن پھريون ڀيرو ٿر آيو ھيم تھ 9 ڪلاڪ لڳا ھئا، ھاڻي روڊ ايترا سٺا بڻايا ويا آھن تھ منھنجو ڊرائيور ٽن ڪلاڪن ۾ پھچندو آھي. مراد علي شاھھ چيو تھ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو چيو ھو تھ ٿر جي ڪوئلي مان پاڪستان جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي. ھن چيو تھ اسان ٿر جا ڪيترائي منصوبا بڻايا اڄ ٿر ترقي ڪري رھيو آھي، ان ۾ صحيح ريت ٿرواسين جي ڪاميابي شامل آھي. ھن چيو تھ مان درخواست ڪريان ٿو تنقيد ڪندڙن کي تھ اچي ڏسو ٿر جي نوان تعمير ڪيل گھرن جو دورو ڪيو وڃي. مراد علي شاھھ چيو تھ ھر خاندان کي گھر ڏئي رھيا آھيون ۽ نوڪرين ۾ 75 سيڪڙو مقامي شامل آھن. ھر خاندان کي ھڪ لک مھينو ڏئي رھيا آھيون جيڪو اڳ ڪڏھن دنيا ۾ اھڙو ڪم ناھي ٿيو. ھن چيو تھ اسان سکيا جا پروگرام بڻايا، نوڪريون ڏنيون، چين ۾ تربيت لاءِ بھ موڪليو. ھن خطاب ڪندي چيو تھ جيڪي شراڪتدار آھن انھن کي چيو آھي تھ ٿر منصوبي کي ٿر جي رائلٽي کي ٿر تي خرچ ڪرڻو آھي. سڀئي ڏسي سگھن ٿا تھ ٿر فائونڊيشن ذريعي ٽي سي ايف اسڪول بڻايو آھي ۽ اسان اعليٰ معيار جو اسپتال پڻ بڻايو آھي. ھن چيو تھ ٿر جا وسيلا ملڪ جي واحد ترقيءَ جو حل آھي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳواڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھھ جو خطاب ڪندي چيو تھ سڀني دوستن ۽ ٿر جي عوام کي واڌيون ڏيان ٿو. ھن چيو تھ اڄ تاريخ ڏينھن آھي ۽ ميگا پروجيڪٽ اڄ مڪمل ٿيو آھي. ھن چيو تھ اھو ھڪ خواب نھ ھڪ حقيقت آھي جنھن کي شھيد بينظير ڀٽو تعبير ڏني. قائم علي شاھھ چيو تھ ھڪ ڪمپنيءَ چيو تھ ٿر جو ڪارو سون ڪم ۾ آندو وڃي. ان وقت پاڪستان جي صدر فاروق لغاريءَ ٿر جو دورو ڪرڻ لاءِ منع ڪيو ۽ چيو تھ ڪجھھ نٿو ٿي سگھي ۽ رقم نھ آھي. مون ڪمپنيءَ کي تاريخي بندرگاھھ ڪيٽي بندر کان رستو ڪڍڻ جو بھ چيو ھو. قائم علي شاھھ چيو تھ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جا ڪيترائي ڪارناما اڄ بھ ياد آھن. ھن چيو تھ چوڌريءَ چيو ھو تھ ملڪ ۾ تھ گھڻي بجلي آھي تھ ڇو پيسا خرچ ڪيا وڃن. قائم علي شاھھ چيو تھ صدر آصف علي زرداريءَ چيو تھ ان منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جو جذبو آھي، مون چيو جذبو بھ آھي محنت بھ ڪري سگھون ٿا. ھن چيو تھ ورلڊ بينڪ جي ذريعي ڪول ڪانفرنس ٿي ھئي جنھن ۾ 75 ملڪ آيا ھئا ھتي جيڪي ھتي اچڻ لاءِ تيار نھ ھئا جن کي اسان ڪوشش ڪري تيار ڪيو. ھن چيو تھ اسان وٽ جذبو ھو ۽ اھو جذبو شھيد بينظير ڀٽو ڏنو ھو. اڄ جي تاريخي منصوبي جو سھرو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ڏانھن وڃي ٿو. ھن چيو تھ اھو ٿر واسين لاءِ ڪارائتو ۽ فائيديمند آھي، جيڪي پنج پنج سال ڏڪار ۾ رھندا آھن. سيد قائم علي شاھھ تقرير جو اختتام جيئي ڀٽو صوبائي توانائي وزير امتياخ شيخ ٿر ڪول فيلڊ ۾ قائم ڪيل پاور پلانٽس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو تھ محترمھ بينظير ڀٽو جو جيڪو خواب ھو تھ ٿر ئي پاڪستان جي بجلي جي بحران جو واحد حل آھي. توانائي واري وزير تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ، اينگرو ڪمپني، سندن انجنيئرز ۽ سمورن اسٽيڪ ھولڊز کي واڌيون ڏنيون. ھن چيو تھ 660 ميگاواٽ جي پاور پلانٽ جو اجه افتتاح ڪيو ويو آھي. ھن چيو تھ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھھ جي ڪوششن کي ساراھيان ٿو ۽ وڏي وزير مراد علي شاھھ جي ذاتي دلچسپيءَ ۽ انٿڪ محنتن سان منصوبو مڪمل ڪيو ويو آھي. ھن چيو تھ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ذريعي سنڌ حڪومت کي منصوبي جي ساورين گارنٽي ڏني وئي. امتياز شيخ چيو تھ اھو منصوبو ٿر جي قسمت بدلائيندو. توانائي واري وزير چيو تھ نيشنل گرڊ ۾ ويندڙ بجلي سنڌ جي طرفان پاڪستان جي عوام کي ھڪ تحفو آھي. مان اميد ڪريان ٿو تھ اھو منصوبو اڳتي ھلي توانائي سڪيورٽي بڻجندو. انھيءَ کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ جي ڪراچي کان اسلام ڪوٽ پھچڻ تي سنڌ ڪابينا ميمبرن، علائقي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ آجيان ڪئي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ٿرڪول فيلڊ پھچڻ تي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ آجيان ڪئي. انھيءَ بعد پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ نئين سنھري وليج جو وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سان گڏ دورو ڪيو ۽ ھن ٿر ڪول فيلڊ جي متاثرن لاءِ نئين تعمير ڪيل گھرن جو معائنو ڪيو. وڏي وزير چيئرمين پي پي پي کي ٻڌايو تھ نون گھرن جي ھر 12 گھرن جي گروپ کي راند جو ميدان بھ ڏنو ويو آھي. ھن بريفنگ ڏيندي چيو تھ وليج ۾ مسجد، مندر سميت اسڪول، اسپتال، بجلي ۽ ٻيون سھولتون ڏنيون ويون آھن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَکي نئين سنھري درس وليج ۾ ٿر ڪول جي نصير بلوچ بريفنگ ڏني. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين کي ٻڌايو ويو تھ ڳوٺ ۾ 172 گھر آھن ۽ ھن وقت تائين 86 گھر آباد ٿي ويا آھن جن ۾ اٽڪل 500 ماڻھون رھندا آھن. وڌيڪ آگاھي ڏيندي ٻڌايو ويو تھ گھڻي انگ ۾ ماڻھو ھتي منتقل ٿي رھيا آھن. پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين اتي رھندڙ ماڻھن سان ملاقات ڪئي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ کي صوبائي توانائي واري وزير امتياز شيخ پڻ بريفنگ ڏني. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سندس موبائيل سان گھرن جي فوٽيج بڻائي ۽ پنھنجي سيلفي پڻ بڻائي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ايتري وڏي پئماني تي ٿر ۾ ترقيءَ جو اصل ڪريڊٽ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو کي ڏنو.وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ کي ٿر ۾ ڪاميابي ۽ ترقي ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ٿر ڪول فيلڊ بلاڪ ٽو جو دورو ۽ اوپن پٽ مائن جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي سندس وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ۽ توانائي وارو وزير امتياز شيخ گڏ ھئا. بلاول ڀٽو زرداريءَ کي ڪوئلي جي ڪولٽي جي مائننگ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. پي پي پي چيئرمين مائننگ واري ڪم جو معائنو ڪيو ۽ مائنرز سان ملاقات ڪئي ۽ ڪاميابيءَ تي وڌايون ڏنيون. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ڪول جون سندس موبائل سان فوٽو بڻايا. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سان گڏ پاور پلانٽ جو دورو ڪيو ۽ مختلف سيڪشن ۽ عمل جو معائنو ڪيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ پاور پلانٽ جو افتتاح ڪمپيوٽر تي ڪلڪ ڪري ڪيو. ان موقعي تي وڏو وزير سيد مراد علي شاھھ، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاھھ، صدر پيپلز پارٽي سنڌ نثار احمد کھڙو، توانائي وارو وزير امتياز شيخ موجود ھئا. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ پنڊال ۾ ڪول مائننگ جو افتتاح ڪيو. پروگرام جو شروعات قومي تراني سان ڪئي وئي. تقريب ۾ ھڪ ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي جنھن جي شروعات ان وقت جي ڪول مائننگ جي پيڙھھ جو پٿر رکڻ واري تقريب سان ڪئي وئي آھي. جڏھن پاڪستان جي وزيراعظم محترمھ بينظير ڀٽو ۽ وڏو وزير سيد عبداللھ شاھھ ھو. جڏھن تھ اڄ جي افتتاحي تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھھ آھي، پروجيڪٽ جي شروعات جنھن جنريشن کي ان جو افتتاح ان جي ٻئي جنريشن ڪيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ اڄ ٿر ۾ 330 ميگاواٽ جي ٻن پاور پلانٽس جو افتتاح ڪري ڇڏيو آھي، سندس افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھھ، سندس ڪابينا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٻين اڳواڻ شرڪت ڪئي. واضح رھي تھ ٿر جي ڪوئلي مان بڻجندڙ بجلي جي ٻن پاور پلانٽس مان 660 ميگاواٽ بجلي جي تياريءَ جي شروعات ٿي وئي آھي. ابتدائي طور تي ٻنھي پلانٽس ماهن 100، 100 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي ويندي. جڏھن تھ جون تائين بتدريج ڪمرشل بنيادن تي مڪمل بجليءَ کي پھچائڻ شروع ڪئي ويندي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ٿر ڪول پاور پلانٽس کي سندس ٽوئيٽر پيغام ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو منصوبو قرار ڏنو ۽ ھيش ٽيگ ۾ واضح ڪيو تھ ”ٿر بدليو آھي پاڪستان“. ياد رھي تھ ٿر ڪول منصوبي جو آغاز 2011ع ۾ سنڌ حڪومت ۽ خانگي ڪمپنيءَ جي شراڪتداريءَ سان ٿيو ۽ اميد ظاھر ڪئي پئي وڃي تھ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تائين 2020ع تائين 2000 ميگاواٽ بجليءَ جي پيداوار شروع ٿي ويندي.

10Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں