اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ صرف ڪشمير مسئلو تڪرار بڻيل آهي جنهن جو حل ڳالهين ذريعي ئي نڪري سگهي ٿو. برطانوي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻو پوندو. هي مسئلو جيئن دير ٿيندي تيئن وڌندو ويندو. تڪراري علائقي ڪشمير ۾ امن ٻنهي پاڙيسري ملڪن لاءِ فائديمند آهي. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهين ذريعي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو اتان جي ماڻهن جو رد عمل آهي. جيڪڏهن اسان ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪري وياسين ته ان مان گهڻائي فائدا حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان جي حڪومتن جي پهرين ترجيح غربت ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي ۽ غربت ۾ گهٽتائي آڻڻ جو حل اهو آهي ته اسان پنهنجي تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪريون. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان تي ڀارت ٻئي ڀيري حملو ڪري ها ته اسان وٽ جواب ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن موجود نه هو. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته پابندي مڙهيل تنظيمن جيش محمد ۽ ان جهڙين ٻين پارٽين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪارروايون هلي رهيون آهن ۽ حڪومت طرفان جيش محمد جي مدرسن تي به ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي مستقبل لاءِ حڪومت انهن پارٽين جي خلاف ڪارروايون ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آسيه بي بي معاملي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته آسيه بي بي خيريت سان آهي ۽ اها ڪجهه هفتن ۾ پاڪستان ڇڏي ويندي، ان حوالي سان ٿورو مونجهارو آهي ۽ مان ميڊيا سان ان باري ۾ ڳالهه ٻولهه نٿو ڪري سگهان، پر يقين ڏياريان ٿو ته آسيا بيبي محفوظ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت جي چونڊن ۾ مودي ٻيهر ڪامياب ٿئي ٿو ته امن ڳالهيون بحال ٿيڻ جا بهتر موقعا پيدا ٿيندا، جيڪڏهن ڪانگريس چونڊن ۾ ڪامياب ٿئي ٿي ته شايد اها پاڪستان سان ڪشمير مسئلي جي حل ۾ ٿوري مونجهاري جو شڪار ٿئي، ڇاڪاڻ ته انهن کي ساڄي ڌر جي پارٽين جي رد عمل جو ڊپ هوندو. سندس چوڻ هو ته ڪڏهن به نه سوچو هو ته اهڙي صورتحال ڏسندا، جيڪا ڀارت ۾ جاري آهي، جتي مسلمانن تي حملا ڪيا پيا وڃن. ڀارت جا مسلمان ڪڏهن اتي تمام گهڻو خوش هئا پر ڪيترن ئي سالن کان اهي هندو انتهاپسند قومپرستن جي ڪري سخت پريشان آهن. وزيراعظم چيو ته نريندر مودي به اسرائيلي وزيراعظم جيان خوف ۽ قومپرست جذبن جي بنياد تي اليڪشن وڙهي رهيو آهي، ڪشمير مسئلي کي ائين ئي نٿو ڇڏي سگهجي، ڪشمير مسئلو حل ڪرڻو پوندو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟