جي يو آءِ سربراهه فضل الرحمان جي آصف زرداريءَ سان ملاقات، حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ تي اتفاق

4Shares

اسلام آباد (بيورو) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي آهي. مولانا فضل الرحمان زرداري هائوس اسلام آباد پهچي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن موجب ملاقات دوران مولانافضل الرحمان پ پ جي شريڪ چيئرمين کي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ٿيل ملاقات جي تفصيلن بابت به آگاهه ڪيو، جڏهن ته ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي وچ ۾ ملاقات دوران راجا پرويز اشرف ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ٻئي طرف ملاقات دوران آصف زرداري چيو ته پراميد آهيون ته ڪپتان کي گهر وڃڻو پوندو، حڪومت خلاف قدم نه کنيو ته ايندڙ نسل معاف نه ڪندو. هن چيو ته فضل الرحمان سان محبت جو رشتو آهي. ٻئي طرف ملاقات کانپوءِ فضل الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آصف زرداري صاحب چيو آهي ته تحريڪ موسم ڏسي هلائبي آهي. هن چيو ته ملاقات ۾ فوجي عدالتن، نيشنل ايڪشن پلان ۽ ٻين معاملن تي ويچاريو ويو.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں