تبديلي سرڪار اگهور ننڊ ستل، کير جي في ليٽر اگهه ۾ 25 رپيا واڌ، اٽو به مهانگو ڪرڻ جي تياري

5Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ کير جي قيمتن ۾ پنجويهه روپيه في ليٽر تي واڌ ڪئي وئي آهي. ڊيري فارم ايسوسيئيشن موجب نئين قيمتن مطابق تازو کير هڪ سو ويهه روپيه في ليٽر جي حساب سان کپايو ويندو. ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙمهانگائي غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. پيٽرول، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ هاڻ کاڌي پيتي جي شين کي به پر لڳي ويا آهن. ڪراچي ۾ ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن جون من مانيون وڌي ويون. کير جي قيمتن ۾  اوچتو پنجويهه روپيه في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي. ڊيري فارمرز ايڪشن ڪميٽي پاران پنهنجون من مانيون ڪندي نئين قيمتن جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنهن مطابق  هاڻ کير جو نئون هولسيل جو ريٽ ٽياسي  روپين کان وڌائي هڪ سو اٺ روپيه في ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته شهرين کي کير سو ويهه روپيه في ڪلو ڏنو ويندو. ڊيري ڪيٽل فارمز ايسوسيئيشن جي صدر شاڪر گجر چيو آهي ته مهانگائي ۾  ٿيندڙ اضافي سبب فارمز جي استعمال ۾ ايندڙ  شيون به مهانگيون ٿي ويون آهن جنهن سبب خرچن ۾ وڏي تعداد ۾ اضافو ٿي ويو آهي. کير وڪرو ڪندڙ دڪاندارن جو چوڻ آهي ته شهرين، انتظاميه ۽ عوام  پاران ڪيل سوالن جا جواب اسان کي ڏيڻا پون ٿا. جڏهن ته شهرين کير جي قيمتن ۾ اضافي کي حڪومت جي نااهلي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف پيٽرول، بجلي، گيس ۽ کير جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ هاڻ اٽي جي قيمت ۾ به اضافو ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. فلورملز ايسوسيئيشن اٽي جي قيمت ۾ 10 روپيه في مڻ تي  وڌائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. فلورملز ايسوسيئيشن پاران هلندڙ مهانگائي کي جواز بڻائيندي حڪومت کي اٽي جي قيمتن ۾ اضافي جي لاءِ لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. فلورملز پاران ڪيل مطالبي ۾  ويهه ڪلو اٽي جي قيمت ۾ پنج روپين جي اضافي جو مطالبو ڪيو آهي. مهانگائي کان ڊنل شهري چون ٿا ته جيڪڏهن اٽي جي قيمتن ۾ واڌ ٿي ته دال ماني پوري ڪرڻ به مشڪل ٿي ويندو. جڏهن ته دڪاندارن جوچوڻ آهي ته اسان کي فيڪٽري مان ئي اٽو مهانگو ملندو ته اضافي قيمتن ۾ وڪڻڻ اسان جي مجبوري آهي.

5Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں