ڀارت 16 کان 20 اپريل جي وچ ۾ پاڪستان تي حملو ڪري سگهي ٿو، اسان وٽ ڀروسي جوڳا انٽيليجنس اطلاع آهن: پرڏيهي وزير

11Shares

اسلام آباد/ملتان (بيورو+ م ڊ) پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيوآهي ته 20 اپريل تي ڀارت پاڪستان تي حملوڪري سگهي ٿو،خبردار ڀارت اهڙي ڪائي حماقت نه ڪري جنهن جو نتيجو ايندڙنسلن کي ڀوڳڻو پوي،اسان وٽ تصديق ٿيل انٽيليجنس اطلاع آهن حملي جي منصوبه بندي ڪرڻ لاءِ خطرناڪ راند کيڏي ٿي وڃي،عالمي برادري ڀارت جي انهي غيرذميداري واري رويي جو نوٽيس وٺي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبر کي اسلام آباد جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويوهي،خطي ۾ امن جي لاءِ عالمي برادري جي حوالي سان اسان خاموش ناهيون هن چيوته انهي ڪري اسان دفتر خارجه ۾ سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبرن کي اسلام آباد اچڻ جي دعوت ڏني آهي ۽ انهي صورتحال  کان آگاهه ڪيو ويوآهي،ان ڀارت کي تنبيهه ڪئي آهي ته اسان نٿا چاهيون ته ڀارت ٻيهر اهڙي ڪائي حماقت ڪري ٻئي صورت ۾ پاڪستان پنهنجي دفاع جو حق محفوظ رکي ٿو ۽ڪنهن به صورت ۾ ڀارت کي کليل نه ڇڏينداسين دفتر خارجه 2 ڏينهن اڳ سيڪيورٽي ڪائونسل جي 5 ميمبرن کي اسلام آباد گهرائي ڪري پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيوآهي ڀارت ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن،اليڪشن دوران ڀارتي حڪومت جي طرفان همٿ ۽ جرئت جو مظاهرو ڏکيائي ۾ آهي پرچونڊن بعد ڪشمير ،پاڻي،سياچن،راهداري اهي مسئلا ويهي ڪري ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪري سگهجن ٿا،اميد آهي ته ڀارت اهميت کي سمجهندي آچر واري ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي معاملن واري وزير شاهه محمود قريشي انڪشاف ڪيوآهي ته ڀارت 16کان 20 اپريل وچ ۾ پاڪستان تي حملو ڪري سگهي ٿو هن وقت جنگ جا ڪڪر ڇانيل آهن ۽ تمام گهڻي خطرناڪ راند کيڏي ٿي وڃي مودي سرڪار سياسي مقصدن جي لاءِٰ سموري خطي جو امن داءَ تي لڳائي ڇڏيوآهي ۽ ڀارت پاران پاڪستان تي هڪ ٻئي جارحيت جوامڪان آهي ان چيوته  ڀارت پاڪستان تي حملو ڪرڻ جي لاءِ خود والاريل ڪشمير ۾ پلوامه جهڙو هڪ ٻيو حملو به ڪرائي سگهي ٿو ان چيوته جيڪڏهن ائين ٿيوته خطي تي ان جو اثرپوندو انهي جو اندازو خود لڳائي سگهجي ٿو هن چيوته اسان وٽ ڀروسي جوڳي معلومات آهي ته ڀارت ٻيهر ائين ڪري سگهي ٿو هن ٻڌايوته اسان وٽ تصديق ٿيل انٽيليجنس آهي ته ڀارت هڪ ٻئي حملي جي منصوبه بندي ڪري رهيوآهيو پرڏيهي معاملن واري وزير پاڪ ڀارت تڪرار جي حوالي سان چيوته ڀارت اقوام متحده  جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪئي آهي 71بعد پهريون ڀيرو ايل او سي کي عبور ڪيو ويوآهي ۽ اهو سمجهندي به کوڙسارن ملڪن خاموشي اختيار ڪئي جڏهن عالمي برادري  کي ڀارتي رويي  جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن عالمي برادري مظاهرو ڏکيوآهي پر چونڊن بعد ڪشمير،پاڻي،سياچن،راهداري اهي اهڙا مسئلاآهن جيڪي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪنداسين هن چيوته انهي ڪري اسان دفتر خارجه ۾ سلامتي ڪائونسل جي 5مستقل ميمبرن کي اسلام آباد ۾ اچڻ جي دعوت ڏني آهي ۽انهن کي صورتحال کان آگاهه  ڪيوويوآهي،هن ڀارت  کي تنبيهه ڪئي ته اسان نٿا چاهيون ته ڀارت ٻيهر اهڙي ڪائي حماقت ڪري نه ته پاڪستان به پنهنجي دفاع جو حق محفوظ رکي ٿو ۽ ڪنهن به ڀارت جي جارحيت جي صورت ۾ سخت رد عمل ڏنو ويندو جيڪڏهن ڀارت حماقت ڪئي ته انهي جو نتيجو ايندڙ نسل ڀوڳيندا،شاهه محمود قريشي چيوته ڀارت دعوي ڪئي آهي ته 3 دهشتگرد ڪيمپيون تباهه ڪيون ويون آهن ۽ ڀارت ڪارروائي ۾ 350 جي لڳ ڀڳ دهشتگردن کي ماريوآهي ۽ هڪ ايف 16 جهاز به ڪرائڻ جي دعوي ڪئي آهي ڀارت غيرذميداري جو اهو رويو رکيوآهي مودي سرڪاري هڪ به لاش  ناهي ڏيکاري سگهي  پاڪستان ايف 16 ڪيرائڻ جي دعوي  جي به ترديد ڪئي ۽ هاڻي آمريڪا تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان وٽ ايف 16جهاز پوراآهن پرڏيهي معاملن واري وزير چيوته اسان بغير ڪنهن دٻاءُ جي فيصلو ڪيو ابهي نندن  کي واپس موڪليو ۽ امن جو پيغام ڏنو واهگه بارڊر جي ميٽنگ به ڀارت ڪينسل ڪئي جڏهن ته اسان وڌيڪ 360ڀارتي ماهيگيرن کي به آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽پرپلوامه واقعي بعد لائن آف ڪنٽرول تي مسلسل فائرنگ  ڪئي ٿي وڃي دنيا سمجهي ٿي ته پاڪستان ذميداري ۽ڀارت غير ذميداري جو رويو اختيار ڪيوآهي جڏهن ته عالمي برادري خاموشي تماشائي بڻجڻ بجاءِ ڪردار ادا ڪري هن چيوته سيڪريٽري خارجه چين آمريڪا ،برطانيه ۽ ٻين ملڪن سان رابطي ڪيوآهي اسان نٿا چاهيون ته ڀارت حملي جي حماقت ڪري اسان زنده قوم آهيون پنهنجي دفاع جو حق محفوظ رکون ٿا وزيراعظم  سان مشاورت  بعد حقيقتون قوم ۽ عالمي برادري جي اڳيان آڻينداسين ان چيوته پلوامه واقعي بعد والاريل ڪشمير ۾ ظلم ستم وڌي ويوآهي والاريل ڪشمير جي متاثرين  سان گڏ آهيون هن چيوته اڃان ڀارت ۾ چونڊون آهن اليڪشن دوران ڀارتي حڪومت طرفان همٿ جرئت جو مظاهرو ڏکيوآهي پر چونڊن بعد کوڙ مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين اميدآهي ته انهي اهميت کي سمجهيو ويندو بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيوته  اپوزيشن پارٽين کي حڪومت سان گڏ بيهڻ جي اپيل ڪئي آهي هن چيوته اهو ڏکيو وقت آهي ڀارت پاران ڪنهن به حملي جي صورت ۾ سموريون پارٽين کي  حڪومت سان گڏبيهڻ جي درخواست  ڪئي آهي هن چيوته قومي سلامتي جي معاملي ۾ سموري قوم گڏ آهي ۽ سموري پاڪستاني قوم انهي معاملي تي هڪ آهي اپوزيشن سان گڏ بيٺل آهي اسان ڪڏهن به انڪارناهي ڪيو ۽ ڌرڻي دوران نواز حڪومت سان اسان جا مزاڪرات ٿي رهياهيا هن چيوته اسان جا پاڻ سوين اختلاف هجن پر ڀارت جارحيت جي خلاف اسان سڀئي هڪ آهيون. ٻئي طرف پاڪستان ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به جارحيت جي ڪوشش جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل موجب ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو ۽ پاڪستان طرفان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي خط ڏنو ويو. ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان طرفان ڀارت کي ڪنهن به مس ايڊوينچر جي صورت ۾ سخت وارننگ ڏني وئي. ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڀارت ڪنهن به قسم جي جارحيت جي ڪوشش ڪئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. پاڪستان طرفان اها وارننگ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي بيان کانپوءِ ڏني وئي آهي، جنهن چيو هو ته اسان وٽ چٽا ثبوت موجود آهن ته ڀارت پاڪستان ۾ وڌيڪ هڪ حملي جي رٿابندي ڪري رهيو آهي، اها ڪارروائي 16 کان 20 اپريل جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿي. شاهه محمود قريشي جي بقول ڀارت بهاني طور والاريل ڪشمير ۾ پلواما جهڙو واقعو به ڪرائي سگهي ٿو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته خطي تي ان جا ڪهڙا اثر پوندا، ان جو اندازو لڳائي سگهون ٿا.

11Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں