انٽرپول حسين نواز جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ واري پاڪستان جي درخواست رد ڪري ڇڏي

6Shares

لنڊن(م ڊ) انٽر پول اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پٽ حسين نواز جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان انٽرپول کان حسين نواز جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کي رد ڪيو ويو. درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو 11 صفحن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ چيو ويو ته پاڪستاني اختيارين اعتبار جوڳيون شاهديون جمع نه ڪرايون آهن تنهن ڪري حسين نواز جا ريڊ وارنٽ جاري نه ٿا ڪري سگهجن.انٽرپول جي ڏهين اجلاس ۾ 5 رڪني ڪميشن پاڪستان جي درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن موجب فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اين سي بي حسين نواز جو تعلق ثابت ڪرڻ لاءِ مناسب ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، دستاويز حسين نواز سان تعلق ٿابت ڪرڻ لاءِ اڻپورا نڪتا، آرٽيڪل 83 ۽ انٽرپول جي قاعدن ۽ ضابطن موجب ثبوت فراهم نه ڪيا ويا. فيصلي ۾ چيو ويو ته انٽرپول جو آرٽيڪل 3 سياسي نوعيت جي معاملن ۾ ان کي مداخلت کان روڪي ٿو. پاڪستان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته حسين نواز احتساب عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو، حسين نواز کي 15 نومبر 2017 تي اشتهاري قرار ڏنو ويو. حسين نواز جو موقف آهي ته ڪيس سياسي نوعيت جو آهي، استغاثه وٽ ثبوت موجود ناهن، احتساب عدالت ۾ منهنجي خاندان خلاف ڪارروائي تي سنگين سوال اٿاريا ويا آهن، عدالت جن ڪارڻن تي سزا ٻڌائي آهي، اهي غير جانبداراڻا ۽ حقيقتن تي ٻڌل ناهن.

6Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں