آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي فوج جي جنرل مڪينزي جي سربراهي ۾ وفد جي ملاقات

4Shares

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي فوج جي جنرل ڪينٿ جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ جيو اسٽريٽجڪ صورتحال ۽ علاقائي سلامتي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ملاقات ۾ افغانسان جي صورتحال ۽ پاڪ ڀارت هلندڙ ڇڪتاڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪا بابت افغانستان جي خاص نمائندي زلمي خليل زاد به ملاقات ڪئي هئي

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں