ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿرڪول پاور پلانٽ جي 10 اپريل تي ٿيل افتتاح جي مڪمل تياري جي حوالي سان وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير توانائي امتياز شيخ، وڏي وزير جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري فنانس نجم شاهه، سيڪريٽري توانائي مصدق خان، سي اي او ايس اي سي ايم سي عبدالفضل ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته ٿرڪول مان بجلي جي پيداوار ملڪي ترقي ۾ پهريون اهم ۽ وڏو قدم آهي ۽ اسان کي پورو يقين آهي ته ان منصوبي جي ڪري لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي ويندو. هن چيو ته ٿرڪول انرجي پراجيڪٽ ملڪي تاريخ جو بهترين منصوبو آهي، جنهن سان سڄي ملڪ کي فائدو ٿيندو ۽ ان جا مثبت اثر پوندا. وڏي وزير چيو ته اسان ڪول مائننگ سان متاثرن جي بحالي لاءِ جيڪي قدم کنيا آهن اهي مثالي آهن ۽ ان جو مثال پاڪستاني تاريخ ۾ نٿو ملي. مراد علي شاهه چيو ته متاثرن لاءِ سٺا گهر، سندن ٻارن کي بهترين تعليم، سٺي صحت جي سهولت ۽ پراجيڪٽ ۾ حصيداري، اهي تمام سٺا قدم آهن، جيڪي اسان ٿر جي عوام لاءِ کنيا آهن. هن چيو ته ٿر فائونڊيشن ٿر جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڀرپور ڪم ڪندي ۽ اهو منصوبو سنڌ حڪومت ۽ اينگرو جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ جو زبردست مثال آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه محترمه بينظير ڀٽو جي خواب جي تعبير تي پوري قوم کي واڌايون ڏنيون ۽ ان موقعي تي ٿرڪول پاور پراجيڪٽ فيز ٽو شروع ڪرڻ جي هدايت پڻ جاري ڪري ڇڏي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟