آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي اڄ احتساب عدالت ۾ حاضري، ڪارڪنن کي اچڻ کان روڪي ڇڏيو

8Shares

اسلام آباد (بيورو) جعلي اڪائونٽ ڪيس جي احتساب عدالت ۾ اڄ ٻڌڻي ٿيندي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪارڪنن کي عدالت اچڻ کان روڪي ڇڏيو.  اڳوڻو صدر آصف علي زرداري وڪيلن سان اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيندو. هڪ بيان ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ٿڌي دماغ سان ڪيسن کي منهن ڏيڻ جو قائل آهيان. هن چيو ته اسان کي قانون ذريعي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته اسان کي قانون ذريعي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻي پوندي. ٻئي طرف اڳوڻي صدر آصف زرداري جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ نيب کان مهلت  گهري ورتي آهي. ذريعن موجب اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ نيب کان مهلت گهري ورتي آهي. آصف زرداري جي وڪيلن طرفان 2 هفتن جي مهلت جو خط نيب کي ملي ويو آهي جنهن ۾ سترنهن اپريل تائين مهلت گهري وئي آهي. ٻئي طرف نيب ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف زرداري کي جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ مهلت ڏيڻ جي حوالي سان اڃان تائين ڪوبه فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.

8Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں