لاڙڪاڻو/نئون ديرو(بيورو+ن هه) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ليمڪ کائيندڙ گڏو وزيراعظم چوي چيپ ته کيس سنڌ جي ضرورت ناهي، هن کي صوبي جا وسيلا گهرجن. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سياسي انجنيئرنگ سان بي نامي وزيراعظم کي مسلط ڪرڻ ڇا انساني حقن جي ڀڃڪڙي ناهي، 18هين ترميم کي ختم ڪيو ويو ته هڪ لت سان حڪومت ختم ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته شهيد ڀٽو جي آئين کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان ملڪ کي ون يونٽ بڻجڻ نه ڏينداسين، هي سمجهن ٿا ته شهيد بي بي جو پٽ ڊڄي ويندو، هي احتساب نه پر سياسي انجنيئرنگ ۽ انتقام آهي، سنڌ جا ڪيس پنڊي ڇو منتقل ڪيا ويا؟ ڌانڌلي ۽ سياسي انجنيئرنگ سان بي نامي وزيراعظم کي مسلط ڪرڻ جي آءِ ٽي ڪڏهن ٺهندي. سندس چوڻ هو ته ڇا شهيد ڀٽو جو قتل ڪيس سست روي جو شڪار ناهي؟ جعلي اڪائونٽن بابت اسان تي ڪوڙا الزام آهن، خان صاحب سنڌ جو عوام چوي ٿو ته هاڻي اوهان جي وڌيڪ ضرورت ناهي، هي ڪهڙو وزيراعظم آهي جو مودي ۽ ڪالعدم تنظيمن خلاف ڳالهائي نٿو، انڪم سپورٽ پروگرام مان بينظير ڀٽو جو نالو خارج ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. پ پ چيئرمين چيو ته ڇا مشرف، شهيد اڪبر بگٽي، گم ٿيل ماڻهن ۽ اصغر خان ڪيس سست روي جو شڪار ناهن؟ اسان کي اميد آهي ته عدالتن مان انصاف ملندو، وزيراعظم صرف اپوزيشن لاءِ شير بڻيل آهي، اهي اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نظرئي کان ڊڄن ٿا، احتساب جي نالي تي سياسي انجنيئرنگ ٿي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته حڪومت کي اصل چهرو ڏيکارڻ تي اسان جي مٿان نيب جي تلوار لٽڪائي وئي، رڳو ڀٽن کي ڇو قتل ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته اڄ جي ڏهاڙي عوام جي اميدون جو قتل ٿيو، آئين ڏيندڙ جو قتل ڪيو ويو. هن چيو ته جنهن ٽٽل ملڪ کي جوڙيو، هارايل قوم کي پيرن تي بيهاريو، جنگي قيدي واپس آندا، ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، کيس ڇو قتل ڪيو ويو؟. بلاول چيو ته آصف علي زرداري 8 سال اڳ عدالت ۾ درخواست ڏني ته ڀٽو جي رت جو جواب ڏنو وڃي، ڀٽو ڇو قتل ٿيندا رهيا، سندن رت جو حساب ڪير ڏيندو؟، پ پ لاءِ انصاف جي تارازو جو توازن ڇو خراب ٿي ويندو آهي. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جلد ڪارڪنن کي تيار رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. آصف علي زرداري چيو ته ڀٽو جي سوچ اڄ به زنده آهي، لڳي پيو ته اڄ ئي کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو هجي. هن چيو ته چونڊن وقت ئي چيو هو ته 18هين ترميم جي خاتمي لاءِ مٿس ڪيس ڪيا ويا، سندس ڳالهه کي نه مڃيو ويو. آصف علي زرداري چيو ته عمران خان مهانگائي ڪري عوام کي 50 سال پوئتي ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته عام واهپي جون شيون ٻيڻيون مهانگيون ٿي ويون آهن، اهڙي صورتحال ۾ غريب زنده نه رهي سگهندو، پر حڪمرانن کي احساس ناهي. هن چيو ته ڪارڪن ۽ جيالا تيار ٿي وڃن، حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته عوام ساڻن گڏ آهي، هو حڪمرانن کي ٻاهر ڪڍي ساهه کڻندا. سندس چوڻ هو ته عوام صبر ڪري جلد حڪمرانن کي ڪڍڻ لاءِ تحريڪ جو اعلان ڪيو ويندو. آصف علي زرداري چيو ته حڪمران چون پيا ته پئسا ناهن، ملڪ لاءِ جهاد ڪيو ويندو، حڪمرانن کي ايوانن مان ڪڍڻ لاءِ اسلام آباد جو رخ ڪيو ويندو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته حڪمرانن کي نه روڪيو ويو ته اهي ملڪ کي سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيندا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟