آمر ملڪ تباهه ڪندا آهن، زرداري قاتل آهي، بلاول چورن مان آزادي نٿو ماڻي سگهي: غنويٰ ڀٽو

2Shares

نئون ديرو(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 40 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي عام منعقد ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي پي پي پي شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيوته هن پنڊال ۾ موجود عوام رشوت ڏيڻ بغير آيا مان سندن جي صبر کي سلام پيش ڪريان ٿي عوام 40 سالن تائين تڪليفون برداشت ڪيون پر شهيد ڀٽو کي عوام نه وساريو، اوهان جو صبر وڌيڪ آهي ان جي مقابلي ۾ منهنجو صبر ڪجهه به ناهي. هن چيو ته چاليهه سالن ۾ چئن ڀٽن کي قتل ڪيو ويو اُهي سڀ انهن جي هٿان قتل ٿيا جن مٿان انهن اعتبار ڪيو جيڪو وڏو الميو آهي، شهيد ڀٽو جنرل ضياءَ هٿان، شهيد شاهنواز کي پنهنجي گهر واري ريحانه ڌوکو ڏئي قتل ڪيو، شهيد مير مرتضيٰ کي پنهنجي ئي ڀيڻ ڌوکو ڏنو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي ئي مڙس دوکو ڏنو جيڪو وڏو الميو آهي، جاگيردارن ۽ سامراجيت جو ڳٺجوڙ قاتل آهي سڀنين هڪٻئي کي استعمال ڪيو،  اهو آسان ڇو آهي؟ اهو سوال آصف علي زرداري کان پڇا ڪيو ڇا هو هن سوال جو جواب ڏيندو يا هڪٻئي سازش ۽ ڌوکي ۾ رڌل هوندو؟. ڇا هي اقتدار جو حوس، لالچ، خوف، جهالت يا سڀني جو ميلاپ آهي، هي نظام جي ڪري آهي. هي اُهو نظام آهي جيڪو اقتدار ۽ پئسي جي لالچ کي جنم ڏئي عدم تحفظ ۽ خوف کي پئدا ڪري ٿو، هي نظام خودغرض، لالچي ۽ جاهل بڻائيندو آهي، هڪٻئي جي خلاف ڪندو آهي. هن چيو ته ڀٽن جي خلاف ڌوکو اُهو ڌوکو آهي جيڪو هڪٻئي جي خلاف ڪيو ويندو آهي جيڪو ڌوکو سماج جي ڪردار جو عڪس آهي، ايوب خان اسان جو پاڻي هندوستان کي وڪرو ڪري ثابت ڪيو ته ڊڪٽيٽر ملڪ کي تباهه ڪندا آهن، يحيٰ خان ملڪ کي ٻن ٽڪرن ۾ تبديل ڪري ثابت ڪيو ته ڊڪٽيٽر ملڪ کي قتل ڪندا آهن، جنرل ضياءَ جي ڏوهه کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو ۽ مشرف جيڪو ڪجهه ڪيو اهو باعث ندامت آهي، هن چيو ته ووٽن کي خريد ڪري حڪومت ڪرڻ جمهوريت نه پر جمهوري آمريت آهي اسان ان خلاف وڙهيا آهيون ۽ وڙهندا رهنداسين، اسان سياست ۾ شناخت ۽ ديانت جا امين آهيون ان لاءِ اسين ڀٽو جا وارث آهيون. حڪمران ڀارتي پائليٽ کي ڇڏيو پر پنهنجي ماڻهن کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن، هي بزدل ۽ غدار حڪمران آهن. شهيد ڀٽو جي دور ۾ اسان هندوستان، روس ۽ ٻئي ڪنهن ملڪ کان نه ڊڄندا هئاسين، هن وڌيڪ چيو ته عمران خان هندوستاني پائليٽ کي اهڙي طره واپس ڪيو جيئن مودي کي چونڊون کٽڻ جو تحفو هن ڏنو هجي. مودي ۽ خان هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن ٻئي پاس جن ۾ ڌوکو آهي، مان بلاول کي چوان ٿي ته بلاول کي بلاول بينظير سان مخاطب ٿيان. ڀٽو ڇو نه؟ ڇا اوهان عوام کي هي ڳالهه ٻڌائڻ ۾ شرم محسوس ڪري رهيا آهيو ته بينظير جو پٽ آهيو، تون چورن، بشنين ۽ ڏوهارين جي گهيري ۾ آهين، هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي اسان پيغام کڻي آيا آهيون، اسان جي پارٽي ۽ اسان جو نظريو هن ملڪ ۽ عوام لاءِ آهي. جلسي عام کي پي پي پي شهيد ڀٽو جي ليڊيز ونگ اڳواڻ فيروزه لاشاري، آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري منير، ناليواري ليکڪ اعجاز منگي، پنجاب جي اڳواڻ ڄام آدم، ڪي پي ڪي جي صدر سيد سليم شاهه سميت ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

2Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں