تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جو نظريو هڪ ئي آهي، بلاول پارليامينٽ ۾ اچي انگريزي ۾ تقرير شروع ڪري ڏيندو آهي: وزيراعظم

1Shares

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جو نظريو هڪ ئي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ايندڙ اليڪشن ايم ڪيو ايم سان گڏجي وڙهون جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کان وڌيڪ نفيس ماڻهو ڪابينا ۾ ناهن. حيدرآباد يونيورسٽي قائم ڪرڻ بابت تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ تمام گهڻو خوش آهيان اسان حيدرآباد يونيورسٽي جي اڏاوت جو افتتاح ڪري رهيا آهيون، رستن ٺهندا رهندا آهن پر جڏهن ماڻهن تي پئسو خرچ ٿيندو آهي ته ترقي ٿيندي آهي، نوجوان نسل تي سرمائيداري تمام گهڻي ضروري آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته تعليم جي بنا ڪابه قوم اڳتي نه ٿي وڌي سگهي، جنهن ملڪ تعليم تي توجهه ڏني اهو ملڪ  ترقي ڪري ويو، ملڪ ۽ قوم جو اصل تحفظ تعليم سان ئي ممڪن آهي، تعليم جي بنا عظيم ملڪ بڻجڻ جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي، نوجوانن کي تعليم نه ڏني وئي ته ملڪ هيٺ هليو ويندو. سنگاپور جي هڪ يونيورسٽي جي بجيٽ پاڪستان جي سمورين يونيورسٽين کان وڌيڪ آهي، ننڍڙو سنگاپور 300 ارب ڊالر جي برآمد ڪندو آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته ايم ڪيم ايم ۽ تحريڪ انصاف جو نظريو هڪ ئي آهي، ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کان وڌيڪ نفيس ماڻهو ڪابينا ۾ ناهن، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ايندڙ اليڪشن گڏجي وڙهنديون.وزيراعظم عمران خان پ پ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اهي اوچتو انگريزي ۾ ڳالهائيندي وري واپس اردو ۾ ڳالهائين ٿا، انگريزي ڳالهائيندڙ احساس ڪمتري جو شڪار آهن، مشرف دور ۾ معاشري ۾ عجيب شئي اچي وئي هئي، پاڪستان ۾ 90 سيڪڙو ماڻهن کي انگريزي سمجهه ۾ نٿي اچي، بلاول پارليامينٽ ۾ اچي انگريزي ۾ تقرير شروع ڪري ڏيندو آهي، اسان انگريزي ۾ ڳالهائي عوام جي توهين ڪري رهيا آهيون، انگريزي ۾ ڳالهائڻ غلط روايت آهي. عمران خان چيو ته خبر ناهي ته ڪهڙي ذهنيت آهي جو حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جي مخالفت ڪري پئي، حيران آهيان ته مخالفت ڪير ۽ ڇو ڪري رهيو آهي، يونيورسٽي ٺاهڻ ۾ مدد نٿا ڪريو ته مخالفت ته نه ڪريو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں