اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ جي جسٽس گلزار احمد بني گالا حددخلين بابت ڪيس ۾ چيئرمين سي ڊي اي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسلام آباد کي راڄڌاني وارو شهر ٺاهڻ وارو مقصد ختم ٿي ويو آهي. هتي نديون، نالا، گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن. اوهان جي ڪارڪردگي مايوس ڪن آهي. بهتر آهي ته اوهان ٻئي هنڌ هليا وڃو. جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ بني گالا حددخلين متعلق ٻڌڻي ٿي. ان دوران عدالت عظميٰ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي(سي ڊي اي) جي چيئرمين کي گهرائي ورتو. ان سان گڏ جسٽس گلزار احمد چيو ته ڇا سي ڊي اي عامر علي احمد کي عدالت کي جاڳائڻو آهي. سي ڊي اي پنهنجو ڪم ڇو نٿي ڪري. عدالت حڪم ڪري رهي آهي پر سي ڊي اي ان تي عمل نٿي ڪري. ان دوران ٻڌڻي ۾ ڪجهه دير لاءِ وقفو ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ جڏهن ٻڌڻي جي شروعات ٿي ته چيئرمين سي ڊي اي عدالت ۾ پيش ٿيو. جنهن تي جسٽس گلزار احمد پڇيو ته ڇا اوهان ٻڌائيندو ته عدالت جي حڪم تي ڪيترو عمل ٿيو آهي.؟ جنهن تي چيئرمين جواب ڏنو ته مڪمل طور تي عدالتي حڪم تي عمل ناهي ٿي سگهيو. سي ڊي اي چيئرمين جي جواب تي جسٽس گلزار احمد سخت ڪاوڙ جو اطهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان ان قابل نه آهيو ته هتي ويٺا ڇو آهيو.؟ هيستائين اوهان ڪيو ڇا آهي.؟ اکيون بند ڪريو ويٺا آهيو..؟ ڇا اوهان پوري اسلام آباد کي ڪچي آبادي ٺاهڻ چاهيو ٿا. جسٽس گلزار احمد چيو ته اسان کي هڪ ٽائيم ٻڌايو ته ڪيستائين عمل مڪمل ٿيندو جنهن تي چيئرمين سي ڊي اي چيو ته هڪ مهيني جي اندر منصوبي جون سموريون رڪاوٽون هٽايون وينديون. جنهن تي جسٽس گلزار چيو ته هڪ مهيني اندر اهو ممڪن آهي.؟ جنهن تي چيئرمين سي ڊي اي چيو ته عدالت هڪ مهيني جي مهلت ڏيو هڪ مهيني ۾ ڪارڪردگي ڏيکارينداسين. ان کان پوءِ عدالت چيئرمين سي ڊي اي کي هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟