پ پ پاڻ خلاف ٿيندڙ احتساب کي سياسي انتقام قرار ڏئي ڇڏيو، فوجي عدالتن جي مخالفت جو فيصلو

4Shares

لاڙڪاڻو/نئون ديرو(بيورو+ن هه) پيپلز پارٽي پاران فوجي عدالتن جي مخالفت ڪرڻ جو فيصلو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ داخل اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو مطالبو، اڳواڻن چيو آهي ته احتساب جي نالي تي سياسي انتقام کي رد ڪريون ٿا، اسان کي پاڪستان بچائڻ لاءِ نڪرڻو پوندو. تفصيل موجب نئين ديري ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، فرحت الله بابر، قمر الزمان ڪائرا، سيد خورشيد شاهه، نفيسا شاهه، فاروق ايڇ نائيڪ، لطيف کوسا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. آصف علي زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيو، جڏهن ته فاروق ايڇ نائيڪ ۽ لطيف کوسا مني لانڊرنگ سميت ٻين ڪيسن تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا، جڏهن ته مخالف ڌر پارٽين سان رابطا ڪرڻ تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت ۾ اڳي 3 وزير دهشتگردن جا ساٿاري هئا، هاڻ 4 ٿي ويا آهن، حڪومت پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري، پ پ خلاف سياسي ڪيس ٺاهي انتقام ورتو پيو وڃي. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ڪيس ۾ پيپلز پارٽي اپيل داخل ڪئي هئي، پ پ پاران داخل اپيلن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت انتقام تي لهي آئي آهي، احتساب جي نالي تي سياسي انتقام کي رد ڪريون ٿا. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ قمر الزمان ڪائرا چيو ته موجودا حڪومت آئين کي مڃي ٿي ۽ نه وري پارليامينٽ کي معتبر مڃي ٿي، انهن وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، تنهنڪري رڳو اين آر او جي ڳالهه ڪندا آهن، ڪهڙي اين آر او جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ماضي ۾ آصف زرداري پنهنجا اختيار صوبن کي ڏنا، مهانگائي، بيروزگاري ۽ انتهاپسندي جو مسئلو پ پ هر فورم تي اٿاريو، بلاول ڀٽو واضح ڪيو ته اسان حڪومت ڪيرائڻ وارا ناهيون. سندس چوڻ هو ته حڪومت کي پنهنجو رخ درست ڪرڻ گهرجي، پ پ فوجي عدالتن جي مخالفت ڪندي، آئيني حقن جي ويڙهه وڙهي رهيا آهن، پي ٽي آءِ حڪومت جمهوري ادارن جون نرسريون ختم ڪري رهي آهي. قمر الزمان ڪائرا چيو ته وزيراعظم چيو ته 18هين ترميم سان پاڪستان جو ڏيوالو نڪري ويو آهي، اهو صوبائي خودمختياري جي خلاف آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي صوبن کي اختيار ڏنا آهن. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ نفيسا شاهه چيو ته پيپلز پارٽي آئين کي تحفظ ڏنو آهي، جمهوريت جي جنگ وڙهي آهي، پاڪستان ۾ انساني ۽ اقتصادي حق پائمال ڪيا پيا وڃن، وقت اچي ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي ناقص پاليسين کي وائکو ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان کي پاڪستان بچائڻ لاءِ نڪرڻو پوندو، جلسي ۾ گهوٽڪي جي عوام جي تذليل ڪئي وئي، اجلاس م بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو تبديل ڪرڻ واري ڪوشش جي مذمت ڪئي وئي.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں