ڀان سيدآباد/سيوهڻ (ن هه) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اويس مظفر ٽپي گرفتاريءَ جي پاڻ ترديد ڪئي آهي، اهڙيون ڪوڙيون خبرون ڦهلائي عوام جو توجهه هٽائي پيو وڃي، پي ٽي آءِ وارا عوام سان زيادتي ڪري رهيا آهن، پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌايون ويون آهن، مهانگائيکان ڌيان هٽائڻ لاءِ اويس مظفر ٽپي جي گرفتاريءَ جي ڪوڙي خبر هلرائي وئي آهي، ڪالهه پنهنجي چونڊ تڪ علائقي ۾ مختلف هنڌن تي تعزيتون ڪرڻ بعد ڀان سيدآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت اسيمبليءَ قانون پاس ڪيو آهي، بي آءِ ايس پي مان بينظير جو نالو ڪير به ختم نه ٿو ڪري سگهي، خود ئي پي ٽي آءِ جا وفاقي وزير هاڻي وضاحتون ڪري رهيا آهن ته بينظير جو نالو ختم ڪرڻ جو ڪو پروگرام ناهي، جن ماڻهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان بينظير جو نالو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪوڙو واعدو ڪري انهن جي منهن تي چماٽ هنئي وئي، اسان وڊيوز ڏٺيون آهن انهن ۾ عمران خان چوي ٿو ته بس هاڻ گهڻو ٿي ويو..! پر ٿي ويو ناهي بلڪه عمران خان انهن ماڻهن جي منهن تي چماٽ هڻي هليو ويو. منظور وساڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته منظور وساڻ سياسي سوچ رکندڙ پراڻو سياستدان آهي، ان پي ٽي آءِ جي حڪومت بابت جون مهيني اندر خاتمي جي ڳالهه سوچي سمجهي ڪئي هوندي. ميان نواز شريف جي باري ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته ميان نواز شريف 6 هفتن جي ضمانت تي آزاد ٿيو آهي، في الحال ميان نواز شريف علاج ۾ مصروف هوندو، علاج بعد سندس ڪيس هلندا، ڏسون ته عدالت نواز شريف بابت ڪهڙو ٿي فيصلو ڪري. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو ڪو به ميمبر ڪاڏي نه ويندو، پي ٽي آءِ وارن کان پاڻ کان پڇو ته انهن ۾ ڪيترا بلاڪ آهن.؟ پي ٽي آءِ جا وزير خود هڪٻئي خلاف بيان بازي پيا ڪن، هن چيو ته جنهن پيپلز پارٽي سان غداري ڪئي عوام انهن جو برو حشر ڪيو، پيپلز پارٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي پارٽي آهي، جيڪا هميشه متحد رهي آهي ۽ رهندي. پيپلز پارٽي اندر ڪوبه فاروڊ بلاڪ ناهي، پي ٽي آءِ وارا پنهنجو خير گهرن. ان کان اڳ ڳوٺ علي حسن شاهاڻي ۾ امان الله شاهاڻي سان سندس چاچي جي وفات تي، ڳوٺ ننگر خان بروهي ۾ رئيس لطف علي بروھي سان سندس ڀاڻج جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جا ڪيس پنڊي ۾ هلائڻ سياسي انتقام آهي. سڀني کي خبر آهي ته پي ٽي آء ڪيئن حڪومت ۾ آئي آهي. اها پارٽي آهي ئي ڪونه. جلد ختم ٿي ويندي. اپوزيشن سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد مهانگائي ۽ ٻين عوامي مسئلن خلاف تحريڪ هلائينداسين. وڏي وزير چيو ته اسان کي احتساب جو ڪوبه خوف ناهي. باقي سياسي انتقام جي ضرور شڪايت آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪري چڪو آهي ته اسان جو اعتراض اهو آهي ته جيڪي ڪيس سنڌ جا آهن. ملزم ۽ شاهد به سنڌ جا آهن پر ڪيس پنڊي ۾ هلايا پيا وڃن. نيب ۽ جج ته پوري سنڌ ۾ به آهن پر انهن تي ڪو اعتماد نه پيو ڪيو وڃي اهو صرف سنڌ سان ڇو? ان ڪري اسان کي لڳي ٿو ته اسان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. پي ٽي آء ۾ ڌڙابندي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته پي ٽي آء ۾ جيترا ماڻهو آهن اوترا ئي ڌڙا آهن. انهن جو هر ماڻهو پنهنجي منهن آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ به ٽوٽل 15 ڄڻا آهن جيڪي الڳ الڳ ڌڙا ٺاهي ويٺل آهن. پي ٽي آء وارن کي خبر ئي ناهي ته ڇا ٿي رهيو آهي اهي اڃا سکندا پوء ماڻهن جا ڪم ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آء سياسي جماعت آهي ئي ڪونه. اهي ڪهڙي طريقي سان حڪومت ۾ آيا آهن اها سڀني کي خبر آهي. اها پارٽي ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته پيٽرول مهانگو ڪيو ويو آهي. ڊالر جو اگهه الائي وڃي ڪٿي پهتو آهي. هينئر جيتري مهانگائي ٿي آهي. ايتري گذريل 10 سالن ۾ به ناهي ٿي. اسين مخالف ڌر جي جماعتن سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد مهانگائي ۽ ٻين عوامي مسئلن خلاف تحريڪ هلائينداسين. هن چيو ته ڪراچي ۾ استادن تي تشدد واري واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. جنهن جي به ڪوتاهي هوندي ان کي سزا ڏني ويندي. ان موقعي تي ايم اين اي سڪندر علي راھپوٽو. پ پ ضلعي ڄامشوري جو صدر سيد آصف شاهه، سيد محمد شاهه، پير شفيق احمد جان ويهڙائي، محمد سليم باجاري، پ پ تعلقي صدر امان الله شاهاڻي، حاجي محمد موسىٰ پنهور، غلام حسين هاليپوٽو، ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ، ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم احمد شيخ، ڊي سي ڄامشورو فريدالدين مصطفيٰ، ايس ايس پي توقيرمحمد نعيم سميت ٻيا پڻ موجود هيا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟