جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس: پهريون ريفرنس داخل، جوابدار 60 ڪروڙ رپين جو پلاٽ نيب کي ڏئي ڇڏيو

6Shares

اسلام آباد(بيورو) نيب جعلي اڪائونٽن واري ڪيس ۾ احتساب عدالت ۾ پهريون ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو، ريفرنس ۾ ڪراچي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر حسين سيد سميت ڪي ايم سي جي 9 آفيسرن کي نامزد ڪيو ويو. رپورٽن موجب جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ احتساب عدالت ۾ پهريون ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو، ريفرنس ۾ ڪراچي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر  حسين سيد سميت ڪي ايم سي جي 9 آفيسرن کي نامزد  ڪيو ويو آهي، آصف زرداري جي ويجهي ساٿي يونس قدوائي پڻ ريفرنس ۾ نامزد آهي. ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدارن لائبريري ۽ مندر جا پلاٽ غيرقانوني طور الاٽ ڪيا، جوابدارن خلاف پڪا ثبوت آهن، عدالت کين سزا ڏي. ٻئي طرف جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب پهرين اوڳاڙي ڪندي مک جوابدار يونس ڪوڊواوي کان 60 ڪروڙ رپين جي ماليت جو پلاٽ اوڳاڙي ورتو. نيب ذريعن موجب نيب راولپنڊي پهريون عبوري ريفرنس احتساب عدالت ۾ جمع ڪرايو، عبوري ريفرنس ۾ يونس ڪوڊواوي ۽ ٻيا 8 جوابدار شامل آهن، جڏهن ته مرڪزي جوابدار يونس ڪوڊواوي لکت طور 60 ڪروڙ ماليت جي زمين نيب راولپنڊي کي واپس ڪري ڇڏي. ذريعن موجب يونس ڪوڊواوي تي ڪراچي ۾ مندر ۽ لائبريري جي زمين غير قانوني طور الاٽ ڪرائڻ جو الزام آهي. ذريعن موجب يونس ڪوڊواوي پارڪ لين اسٽيٽس ۾ آصف علي زرداري جو بزنس پارٽنر آهي.

6Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں