گڏيل قومن ۾ مذهب ۽ تعصب جي بنياد تي دهشتگردي خلاف ٺهراءُ منظور

10Shares

نيويارڪ(م ڊ) اقوام متحده ۾ ترڪي جي طرفان مذهب ۽ تعصب جي بنياد تي دهشتگردي جي خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي. پاڪستان جي حمايت سان ترڪي نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ ٻن مسجدن تي حملي ۽ اسلام دشمن روين جي روشني ۾ قرارداد پيش ڪئي. اقوام متحده ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحا لوڌي چيو آهي ته قرارداد اسلام دشمن روين ۽ وڌندڙ انتهاپسندي  جي مخالفت ڪري ٿي. هن چيو ته اسلام دشمن رويا عالمي امن جي لاءِ خطرو آهن. مليحا لوڌي چيو ته اسان جي خطي ۾ به انتهاپسند گروهه مذهب جي بنياد تي فساد ۽ امن دشمني کي وڌائي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته مغرب ۾ وڌندڙ انتهاپسندي ۽ نسل پرست سوچ عالمي دوستي ۾ رڪاوٽ آهي. پاڪستاني سفير جو چوڻ هو ته اسان کي ڀتين جي تعمير ڪرڻ بجاءِ امن پسندي جي پل کي تعمير ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن به مذهب، نسل ۽ رنگ جي ماڻهن کي نفرت، انتهاپسندي ۽ استحصال جو نشانو نه ٺهڻ ڏينداسين.

10Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں