ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو:ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو عزم

3Shares

 راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل سپورٽ جو اعلان ڪيو آهي. جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز جو اجلاس ٿيو. اجلاس دوران فورم جيو اسٽريٽجڪ صورتحال ۽ اوڀر سرحد تي حالتن جو جائزو ورتو. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي شريڪن ڪنهن به جارحيت يا مهم جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو فورم ملڪ ۾ دائمي امن لاءِ قدم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته علائقائي امن لاءِ کنيل قدم جاري رهندا، ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. اجلاس جي شريڪن نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مڪمل سپورٽ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته دهشتگردي خلاف ڪاميابيون حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان اها رياست بڻجڻ طرف وڌي رهيو آهي جتي هٿيارن جو استعمال صرف رياست جو حق هوندو آهي.

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں