اسلام آباد (بيورو) نيب جي ايگزيڪٽو بورڊ مبينا جعلي اڪائونٽن واري ڪيس ۾ پهريون ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظور ڏئي ڇڏي جيڪو اومني گروپ جي چيف ايگزيڪٽو عبدالغني مجيد ۽ ٻين خلاف آهي. نيب جي پڌرنامي موجب قومي احتساب بيورو جي نيب چيئرمين جسٽس ( ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪرپشن جا 6 ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظور ڏني وئي جنهن ۾ هڪ ريفرنس ميبنا جعلي اڪائونٽن بابت آهي. نيب جي پريس ريليز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايگزيڪٽو بورڊ مبينا جعلي اڪائونٽن واري ڪيس ۾ اومني گروپ آف ڪمپنيز جي چيف ايگزيڪٽو عبدالغني مجيد ۽ ٻين خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. عبدالغني مجيد اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد جو پٽ آهي جيڪو ايف آءِ اي جي تحويل ۾ آهي. جوابدار تي مبينا جعلي اڪائونٽ ۽ غيرقانوني طور تي 7 ايڪڙ سرڪاري زمين کي ريگولرائز ڪرائڻ جو الزام آهي جنهن سان قومي ناڻي کي 1.422 ارب رپين جو نقصان پهتو. پريس پڌرائي موجب ايگزيڪٽو بورڊ اڳوڻي سيڪريٽري ورڪرز ويلفيئر فنڊ افتخار رحيم خان ۽ ٻين خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظور ڏني، جوابدارن تي مبينا طور ڪرپشن ۽ فنڊن ۾ گهوٻين جو الزام آهي جنهن سان قومي ناڻي کي اٽڪل 466 ملين رپين جو نقصان پهتو. بروڊ اڳوڻي ڊائريڪٽر اربن پلاننگ، سي ڊي اي غلام سنڌو ۽ ٻين خلاف به ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني، جوابدارن مبينا طور بدعنواني ۽ اختيارن جو ناجائز اسپتل ڪندي ڊپلوميٽڪ انڪليوز ۾ شٽل بس سورس لاءِ 4.5 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جو الزام آهي جنهن سان قومي ناڻي کي 408.32 ملين رپين جو نقصان ٿيو. پڌرنامي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي بورڊ اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ( ڪي ايم سي ) محمد حسين سيد ۽ ٻين خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظور ڏني. جوابدارن تي مبينا طور اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي فلاحي مقصد لاءِ مخصوص پلاٽ غيرقانوني طور الاٽ ڪرڻ جو الزام آهي جنهن سان قومي ناڻي کي وڏو نقصان پهتو. ايگزيڪٽو بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري اسپيشل انشيٽو ڊيپارٽمنٽ سنڌ اعجاز احمد خان ۽ ٻين خلاف به ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني، جوابدارن تي مبينا طور غيرقانوين طور اختيارن جو ناجائز اسپتال ڪندي من پسند ماڻهن کي پاڻي سپلائي اسڪيمن جو ٺيڪو ڏيڻ جو الزام آهي جنهن سان قومي ناڻي کي 29.25 ملين رپين جو نقصان پهتو. بورڊ علي گوهر ڏاهري ۽ ٻين خلاف به ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظور ڏني، جوابدارن تي مبينا طور تي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ ۽ غيرقانوني ڀرتين جو الزام آهي جنهن سان قومي ناڻي کي اٽڪل 74.85 ملين رپين جو نقصان پهتو. ٻئي طرف جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، قومي احتساب بيورو راولپنڊي ٽي ريفرنس تيار ڪري ورتا آهن جن ۾ اڳوڻو صدر آصف زرداري سڌو سنئون جوابدار نامزد ناهي. ذريعن موجب نيب راولپنڊي جعلي اڪائونٽس ڪيس بابت 3 ريفرنسز تيار ڪري هيڊڪوارٽر موڪلي ڇڏيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽنهي ريفرنسز ۾ نجم زمان، علي ميمڻ ۽ ٻيا جوابدار فهرست ۾ شامل آهن ۽ سمورا جوابدار پهريان کان نيب جي تحويل ۾ آهن. ذريعن موجب نيب ريفرنسز ۾ نامزد ماڻهو اڳوڻي صدر آصف زرداري جا ويجها ساٿي سمجهيا ويندا آهن جڏهن ته آصف زرداري ريفرنسز ۾ سڌو سئون جوابدار ناهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟