لاڙڪاڻو (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ جا ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ قانون جي ڀڇڪڙي آهي، احتساب جي نالي تي انتقام ۽ سياسي انجنيئرنگ ڪئي پئي وڃي. لاڙڪاني ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن آمريڪا جي ڪنهن رياست ۾ ڏوهه ٿي ته ٽرائل به ساڳي عدالت ۾ ٿيندو آهي، اهڙي نموني پاڪستان ۾ به ساڳيو ئي قانون آهي. هن چيو ته ڀٽوز لاءِ هميشه پنڊيءَ ۾ ڪربلا برپا ڪئي ويندي آهي، پنڊي ۾ ٽرائل ڪرڻ تي اسان کي اعتراض آهي جيڪو هر فورم تي اٿاريو ويندو. سندس چوڻ هو ته احتساب جي نالي تي سياسي مخالفن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، انتقام ورتو پيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن اسان لاءِ هڪ قانون لاڳو ٿيندو سڀاڻي ٻين لاءِ به ساڳيو قانون لاڳو ٿيندو. هن چيو ته پ پ آمريتن جو مقابلو ڪيو آهي، هو جڙتو حڪومت کان ڊڄڻ وارن مان نه آهن، هر حالت جو مقابلو ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته هڪ سال کان اويس مظفر ٽپي سان رابطو ناهي، سندس گرفتاري جي خبر ڪوڙي هئي جيڪا ڄاڻي ٻجهي پکڙي وئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم عمران خان کي غريبن جو احساس آهي ته مهانگائي جو طوفان ڇو آندو ويو آهي. هن چيو ته ناڻي واري وزير کي زراعت بابت ڪابه ڄاڻي ناهي تنهن ڪري آبادگارن جو معاشي قتل عام ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته عوام جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي، اسان گهڻي دير تائين عوام جو نقصان برداشت نه ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شيخ رشيد بابت ڪراچيءَ ۾ ڪيل پنهنجي ڳالهين تي قائم آهيان. هن چيو ته دل جي علاج لاءِ صوبي جي هر شهر ۾ اين آءِ سي وي ڊي يونٽ قائم ڪيا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي چندي تي نه ٿو هلائي سگهجي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاڙڪاڻي ۾ 30 بسترن تي مشتمل دل جي بيمارين جي علاج جي حوالي سان اين آءِ سي وي ڊي سيٽ لائيٽ سينٽر کوليو هيو، جيڪو هاڻي 60 بسترن تي مشتمل ڪيو ويو آهي، جيڪا پيپلز پارٽي جي وڏي ڪاميابي آهي، سنڌ اندر صحت جي شعبي ۾ جيڪا طرقي ٿي آهي، اها ملڪ جي ٻين صوبن ۾ نه ٿي سگهي آهي، اهڙيون ڳالهيون هن ڪالھ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا سول اسپتال ۾ 60 بسترن تي مشتمل اين آءِ سي وي ڊي عمارت جو افتتاح ڪرڻ بعد سمبارا هوٽل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ولڊ ڪلاس سائوٿ ايشيا جي سب کان بهتر اين آءِ سي وي ڊي ادارو قائم ڪيو ويو آهي، جتي دل جي بيمارين ۾ مبتلا مريضن جو مفت علاج ڪيو ويندو آهي، ماضي ۾ حڪومتون هڪ شهر ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري صوبي ۾ ترقي ڪرڻ جو ڊرامو ڪنديون هيون، هن چيو ته ملڪ ۾ هر سال 25 هزار دل جي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو فوت ٿي وڃن ٿا، سنڌ جي مختلف شهرن لاڙڪاڻي، سکر، خيرپور، مٺي ۽ ٻين شهرن ۾ دل جي بيمارين جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتالون سنڌ حڪومت پاران کوليون ويون آهن، جتي مفت علاج ڏنو پيو وڃي ۽ سنڌ سميت بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختون خواھ جا رهواسي جيڪي دل جي بيمارين ۾ مبتلا آهن، اهي به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قائم ڪيل اين آءِ سي وي ڊي اسپتالن ۾ پهچي مفت علاج حاصل ڪن ٿا، هن چيو ته مان ملڪ جي ٻين صوبن توڙي وفاقي حڪومت کي دعوت ڏيان ٿو ته دل جي بيمارين جي حوالي سان ملڪ جي صوبن ۾ اين آءِ سي وي ڊي اسپتالون قائم ڪرڻ لاءِ اسان مدد ڪري سگهون ٿا، بلاول چيو ته عوام هن وقت مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏل آهي، عمران خان جي دعويٰ هئي ته مان عوام کي غربت مان ڪڍي سموريون سهولتون مهيان ڪندس، پر وفاقي حڪومت مهانگائي جو بم ڪيرائي عوام جون چيکو ڪڍي ڇڏيون آهن، عمران خان فقط سنڌ جو نه پوري ملڪ جو وزيراعظم آهي ۽ ملڪ جي وزيراعظم سنڌ جي ڪنهن هڪ علائقي جي ترقي جي ڳالھ ڪري ٿو، جنهن تي کيس عوام کان مافي وٺڻ گهرجي، هن چيو ته سنڌ جي روينيو کي سنڌ حڪومت پاران بهتر ڪيو ويو آهي، پر وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي رائلٽي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، هن چيو ته عمران خان عوام جا جذبات ڏسي چڪو آهي، هو هاڻي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو تبديل نه ڪندو، هن وڌيڪ چيو ته اسان اقليتن جو احترام ڪيون ٿا، گهوٽڪي جي ڀينرن ۽ عوام سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسون.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟