وفاقي حڪومت پاڪستان ۾ آءِ پي ايل جون ميچون ڏيکارڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي

3Shares

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) حڪومت پوري پاڪستان ۾ انڊين پريميئر ليگ جون ميچون ڏيکارڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته ڪابينا پوري ملڪ ۾ آءِپي ايل جون ميچون ڏيکارڻ تي پابندي جي منظوري ڏني آهي. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پاڪستان سپر ليگ دوران انڊين براڊ ڪاسٽر پنهنجو ڪم اڌ ۾ ڇڏي هليا ويا هئا، سڌ سماءَ واري وزارت ڪابينا مان آءِ پي ايل تي پابندي لڳائڻ جي درخواست ڏني هئي، ڇو ته انڊيا پي ايس ايل کي منظم انداز ۾ نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن چيو ته پاڪستان ميڊيا اليڪٽرانڪ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) پاڪستان ۾ آءِ پي ايل جون ميچون نشر نه ٿيڻ کي يقيني بڻائيندي. سندس چوڻ هو ته اسين نٿا چاهيون ٿا سياسي اختلاف راندين ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ رڪاوٽ بڻجن پر سڀني ڏٺو ته انڊين ٽيم راند دوران آرمي ڪيپس پائي پنهنجي حد پار ڪئي.

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں