ڀارتي اڳرائي، فائرنگ ۾ 3 اهلڪار شهيد، پاڪ فوج جو منهن ٽوڙ جواب، دشمن جا 7 فوجي مارجي ويا

4Shares

مظفرآباد(م ڊ) ڀارتي فوج جي لائن آف ڪنٽرول تي بنا سبب فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا ٽي جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج طرفان رک چڪري ۽ راولاڪوٽ سيڪٽري تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ صوبيداري محمد رياض، لانس حوالدار عزيز الله ۽ سپاهي شاهد منصب شهادت حاصل ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب هڪجوان زخمي به ٿيو جڏهن ته ڀارتي فائرنگ جو ڀرپور جواب ڏنو ويو ۽ ڀارت طرفان فوتگين جا اطلاع آهن. آءِ ايس پي آر موجب صوبيداري محمد رياض جو تعلق جهنگ، لانس حوالدار عزيز جو تعلق نوشهروفيروز ۽ سپاهي شاهد منصب ايبٽ آباد جو رهواسي هو. ٻئي طرف پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته رک چڪري ۽ راولاڪوٽ سيڪٽر تي ڀارت جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ۽ هڪ زخمي ٿيو. جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته شهيد ٿيلن ۾ صوبيدار محمد رياض، عزيز الله ۽ سپاهي شاهد منصب شامل آهن. هن چيو ته پاڪ فوج پاران ڀارت جي اڳرائي کانپوءِ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي وئي.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں