بي نامي وزيراعظم جو احتساب ڪڏهن ٿيندو، سليڪٽيڊ حڪومت کي نيب هلائي رهيو آهي: بلاول

2Shares

ڪراچي (نمائندن وٽان) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ڪاروان ڀٽو ٽرين مارچ نوابشاهه کانپوءِ سکر پهچي ويو ڪارڪنن پاران وک وک تي آجيان جيئي ڀٽو جا نعرا بلاول ڀٽو جي ڪاروان ڀٽو ٽرين مارچ روهڙي اسٽيشن پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو ان کان اڳ نوابشاهه ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته پ پ پ ڪائي تحريڪ نه پئي هلائي هي لانگ مارچ نه آهي رڳو ٽرين مارچ آهي ۽ هڪ سفر آهي پر پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هن کان به ڊڄي رهي آهي ۽ وزيراعظم هائوس مان رڙيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن عمران خان ۽ نوازشريف جون معاشي پاليسيون ساڳيون ئي آهن ٻئي جماعتون امير کي وڌيڪ امير بنائڻ جي پاليسي اختيار ڪن ٿيون پ پ پ ليفٽ سينٽر جي جماعت آهي ۽ غريب جي ڳالهه ڪري ٿي جڏهن ته ٻيون سياسي جماعتون ساڄي ڌر جو مائنڊ سيڊ جون مالڪ آهن پ پ پ کي ڪمزور ڪري سنڌ تائين محدود ڪرايو ويو هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ڊڄڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي ايترو ڊپ ڏيکارڻ جي ضرورت نه آهي پر ان سان گڏ مان اهو به مڃان ٿو ته جڏهن حڪومت رڳو ڇهن ووٽن تي ٺهيل هجي ته ان کي عدم تحفظ جو احساس ٿيندو آهي هن چيو ته مينگل صاحب نظرياتي ۽ سينيئر سياستدان آهي هن ياد ڏياريو ته سندس ڇهه پوائنٽس آهن حڪومت کان ان جا اتحادي ناراٰض آهن ۽ جيڪڏهن اتحادين جا مطالبا پورا نه ٿيندا ته حڪومت نه هلي سگهندي هڪ سوال تي هن چيو ته عمران خان جي حڪومت نيب کان شروع ٿئي ٿي ۽ نيب تي ختم ٿئي ٿي سندس چوڻ هو ته سليڪٽڊ حڪومت کي نيب ئي هلائي ٿي پ پ پ چيرئرمين چيو ته سياستدانن سان گڏوگڏ سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي پر پرويز مشرف جو نيب قانون ختم ڪرڻ ضروري آهي بلاول ڀٽو زور ڏنو ته احتساب لاءِ نئون ادارو بنائڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته فوجي عدالتون ڪامياب نه ٿيون عدالتي سسٽم کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف تي هڪ جهڙيون جماعتون قرار ڏيندي هن چيو ته عمران خان ۽ نوازشريف جون معاشي پاليسيون هڪ ئي آهن. هن الزام مڙهيو ته پ پ پ کي ڪمزور ڪري سنڌ تائين محدود ڪرايو ويو هن چيو ته سياست ۾ اچڻ کان 10 سالن کان پوءِ تائين مون تي ڪوبه الزام نه لڳو پر هاڻي منهنجي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي بلاول ڀٽو چيو ته مذهب زبردستي مٽائڻ جي مذمت ڪيان ٿو هن ياد ڏياريو ته سنڌ اسيمبلي بل منظور ڪيو هو پر اڳوڻي گورنر جي ڪري اهو قانون نه ٺهي سگهيو. خانصاحب چوندو رهيو ته خيرات نه گهرنداسين آپگهات ڪري ڇڏينداسين پر آءِ ايم ايف کان قرض نه وٺنداسين پر هاڻي هو جنهن ملڪ ۾ وڃي ٿو چندو ۽ خيرات گهري ٿو بينامي وزيراعظم جو احتساب ڪڏهن ٿيندو باجي عليمه جو احتساب ڪڏهن ٿيندو. شهبازشريف کي مبارڪون ڏيان ٿو ته ان جو نالو اي سي ايل مان نڪري ويو هن چيو ته قيادت جي نشاني اها هوندي آهي ته اها سر به ڏيئي ڇڏيندي آهي يوٽرن ناهي وٺندي بنا نالي وزيراعظم جو احتساب ڪڏهن ٿيندو بلاول ڀٽو چيو ته عليمه خان چوي ٿي ته سلائي مشينون وڪرو ڪري ٻاهرين ملڪ ۾ پراپرٽي خريد ڪئي هي سلائي مشينون اسان کي به ڏيو ته جيئن سنڌ جي عورتن کي ڏيون هن چيو ته ايوب، ضياء، مشرف جي آمريت جو مقابلو ڪيو هي عمران خان اسان جي اڳيان ڪجهه به نه آهي اسان جي زبان بند نٿي ڪري سگهجي ڇا هي سمجهن ٿا ته ذوالفقارعلي ڀٽو جو ڏهٽو ۽ بينظير جو پٽ خاموش ٿي ويهي رهندو پ پ پ چيئرمين چيو ته احتساب تي اعتراض نه آهي ڪرپٽ ماڻهن کي پڪڙيو ڪرپشن ختم ڪريو پر اسان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري جو ڪاروان ڀٽو ٽرين مارچ دوڙ پهتو دوڙ ريلوي اسٽيشن تي آجيان ڪئي وئي، ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته مون صرف ٽرين ۾ سفر شروع ڪيو آهي ته وزير اعظم ها.ئوس مان دانهون نڪرڻ شروع ٿي ويون آهن، جڏهن ته لانگ مارچ شروع ڪيو ته پوءِ ڇا ٿيندو سنڌ جا حق وٺي رهنداسين اسين احتساب جا مخالف ناهيون پر اهو سياسي انتقام نه هجڻ گهرجي وزير اعظم اپوزيشن خلاف ڪاروائي ڪري ٿو پر مودي خلاف نٿو ڳالهائي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ذوالفقارعلي ڀٽو سر ڏنو پر نظريي تان يوٽرن نه ورتو ڪجهه ماڻهو اڄ به شهيد ڀٽو جي نظريي ۽ فڪر کان ڊڄن ٿا قومي اسيمبلي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو نالو ورتو وڃي ٿو ته وزير سڙي وڃن ٿا انهن جي وزيرن جون رڙيون نڪرن ٿيون اسٽيشن تي موجود پ پ پ جي ڪارڪنن وفاقي حڪومت جي خلاف نعرا به هنيا بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام جو سمنڊ اسان سان گڏ آهي ذوالفقارعلي ڀٽو شهادت قبول ڪئي پر يوٽرن نه ورتو آمر اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو ۽ عوام کي ڌوڪو نه ڏنو اڄ حڪمران ذوالقارعلي ڀٽو جي ڪارڪنن ۽ ڏهٽي کان ڊڄن ٿا 4 اپريل تي قافلو ڳڙهي خدابخش پهچندو هن چيو ته 4 اپريل تي ڀٽو جي 40 هين ورسي آهي اسان هر سال ڳڙهي خدابخش پهچون ٿا اسان هن سال به وڏي انگ ۾ ڳڙهي خدابخش پهچنداسين اسان دنيا کي پيغام ڏينداسين ته ڪالهه به ڀٽو زنده هو اڄ به ڀٽو زنده آهي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو آمر آڏو ڪنڌ نه جهڪايو 40 سال پهريان غير جمهوري قوتن ڀٽو کي ڦاهي ڏيئي ڇڏي هن سر ڏنو پر نطريي کان يوٽرن نه ورتوجيڪي اليڪشن ۽ ڌانڌلي مان حاصل نه ڪري سگهيا نيب جي ذريعي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا هن چيو ته اليڪشن ۾ ناڪام رهيا اهي هن طريقي ۾ به ناڪام ٿي ويندا نيب مشرف جو بڻايل ادارو آهي 2011 ۾ پوليٽيڪل انجينرئنگ ڪئي ويئي ته نيب جو اهم ڪردار هو نيب جو اڄ به ساڳيو ڪردار آهي اهو سمجهي ٿو ته اهي اسان کي ڊيڄاري سگهن ٿا اهي اسان جي زبان بند ڪري سگهن ٿا اهي سمجهن ٿا ته ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏهٽو ڊڄي ويندو اهي سمجهن ٿا ته اسان انساني ۽ معاشي حقن جو دفاع نه ڪنداسين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪارڪن 4 اپريل تي ڳڙهي خدابخش ۾ گڏ ٿي سڄي دنيا کي پيغام ڏيندا ته اڄ به ڀٽو ۽ بينظير جا ڪارڪن موجود آهن اسٽيشن تي پ پ جي ڪارڪنن  وڏي انگ ۾ موجو د هئا. ٻئي طرف بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ (ڪاروان ڀٽو)ٽرين مارچ راڻي پور پهتو جتي ننڍن وڏن پوڙھن پڪن جي هزارين ماڻهن جي سمنڊ جي اڳواڻي ۾ ايم اين اي  پير فضل علي شاه جيلاني ۔سيد جاويد علي شاه جيلاني ۔مهرين ڀٽو ۔ ايم پي اي  سيد احمد رضا شاه جيلاني ۔ارشاد احمد راڄپر ۔سيد فرزند علي شاه جيلاني ۔سيد سورج دستگير جيلاني۔سرائي عابد حسين خاصخيلي۽ ٻين اڳواڻن پ پ چيئر مين بلاول ڀٽو وزير اعلئ مراد علي شاه ۽ ٻين جو جيئ ڀٽو نعرن جي گونج ۾ ڀرپور استقبال ڪيو ۽ مٿن گلن جي ورکا ڪري اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ جا 120 ارب روپيه وفاق ڦٻايا آهن جيڪي انهن کان واپس وٺنداسين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ختم ڪرڻ نه ڏينداسين اين ايف سي ايوراڊ  ۾ اسان سنڌ کي پنهنجو حصو ڏياريو حڪومت شهيد ڀٽو جي آئين ۽ ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي پر کين ناڪامي نصيب ٿيندي جنهن ۾ اسان جي ڪارڪنن جي جدوجهد ۽ رت شامل آھي غير جمهوري قوتون اڄ به شهيد ڀٽي جي نظريي کان ڊڄن ٿيون هن چيو ته احتساب تي اعتراض ناهي پر سياسي انتقام نه مڃبو جيڪڏهن اسان  لانگ مارچ ڪيوسين ته حڪومت بچي نه سگھندي آخر ۾ هن ڪارڪنن جو شڪريو ادا ڪيو. ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جو ٽرين مارچ روهڙي پهچڻ شاندار استقبال ڪيو ويو بلاول چيو ته قائم علي شاهه جهڙي شريف ماڻهن کي به نيب۾ گهيلو ويو آهي هن چيو ته بي نامي وزيراعظم جو ڪڏهن احتساب ٿيندو نيازي هر ٻئي ماڻهو کي چور سمجهي رهيو آهي.03

2Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں