جعلي اڪائونٽس ڪيس: آصف زرداري گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

7Shares

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي صدر آصف علي زردادري جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آف زرداري گرفتاري کان بچڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته نيب کي گرفتاري کان روڪيو وڃي ۽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪئي وڃي. درخواست ۾ آصف زرداري موقف اختيار ڪيو آهي ته جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ هينئر تائين طلبي جا 3 سمن ملي چڪا آهن، خبر ناهي ته منهنجي خلاف ڪيتريون انڪوائريز هلي رهيون آهن، نيب ڪنهن به انڪوائري ۾ گرفتار ڪري سگهي ٿي ان ڪري ضمانت ڏني وڃي، گرفتاري کان بچڻ لاءِ عدالت کانسواءِ ڪوبه آپشن ناهي. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداي نيب کان ڪيسن جا تفصيل حاصل ڪرڻ جي درخواست به عدالت ۾ داخل ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نيب کي منهنجي خلاف سمورين انڪوائرين جي فهرست فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ ٽرائل پورو ٿيڻ تائين ضمانت منظور ڪئي وڃي.

7Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں