حجم، پلمبر ۽ ريڙهي وارو موبائل ٽيڪس ڇو ادا ڪري، ڇا پارليامينٽ جو ڪم رڳو ٽيڪس اوڳاڙڻ آهي؟: سپريم ڪورٽ

4Shares

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان هڪ سال دوران وصول ڪيل ٽيڪسز جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، عدالت رمارڪس ۾ چيو آهي ته سيلون وارو، پلمبر، ريڙهي وارو ۽ نان کپائيندڙ موبائل فون تي ٽيڪس ڇو ڏئي، حڪومت ڪيئن طئي ڪندي ته ڪير ٽيڪس ادا ڪندو يا نه، ڇا پارليامينٽ جو ڪم رڳو ٽيڪس گڏ ڪرڻ آهي.؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ موبائل فون ڪالز تي واڌو ٽيڪس اوڳاڙي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پنهنجي موقف ۾ چيو ته موبائيل ٽيڪسز جو معاملو آرٽيڪل هڪ سئو 4 ٽي ۾ اچي ٿو، ان ڪري هـِي عوامي معاملو آهي، پاڻمرادو نوٽيس نٿو وٺي سگهجي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  سوال ڪيو ته  ڇا موبائل فون ٽيڪس جو معاملو آرٽيڪل هڪ سئو 84 (ٽَي) ۾ اچي ٿو، جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته موبائل فون تي ٽيڪس جو معاملو عام ماڻهو جي ايشوز ۾ نٿو اچي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو ته پارليامينٽ جو بنيادي ڪم ڇا آهي، ملڪ هلائڻ لاءِ يقينن رقم جي ضرورت هوندي آهي پر ڇا پارليامينٽ جو ڪم رڳو ٽيڪس گڏ ڪرڻ آهي؟ جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ۾ چيو ته سيلون وارو، پلمبر، ريڙهي وارو ۽ نان کپائيندڙ موبائل فون تي ٽيڪس ڇو ڏئي، حڪومت ڪيئن طئي ڪندي ته ڪير ٽيڪس ادا ڪندو يا نه؟ موبائل فون تي ٽيڪس اهو ئي ڏيندو، جيڪو ڏيندڙ هجي، جيڪو شخص گهربل معيار تي پورو ئي نٿو لهي ته اهو وِد هولڊنگ ٽيڪس ڇو ادا ڪري. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  سوال ڪيو ته ڇا 10 سيڪڙو سروسز چارجز ختم ٿيڻ تي اعتراض آهي؟ جنهن تي نجي موبائيل ڪمپني جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اعليٰ عدالت جي حڪم تي موبائيل فون ڪمپنين پنهنجي 10 سيڪڙو سروسز چارجز ختم ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان گذريل هڪ سال ۾ اوڳاڙيل ٽيڪسز جا تفصيل طلب ڪندي چيو ته جنهن قانون تحت ٽيڪس اوڳاڙي وئي، انهن جا تفصيل ڏنا وڃن.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں