فهيم اشرف کي آرام ڏيڻ جو فيصلو، آسٽريليا خلاف رهيل ميچون نه کيڏندو

2Shares

شارجا(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائوندڙ فهيم اشرف آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو. پي سي بي موجب ورلڊ کي نظر ۾ رکندي اهم رانديگرن کي آرام ڏيڻ جي پاليسي جي تحت آل رائونڊر فهيم اشرف کي آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز جي بقايا ميچن ۾ آرام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو سليڪشن ڪميٽي ٽيم مينيجمينٽ سان مشوري کانپوءِ ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ آسٽريليا خلاف پنجن ميچن واري سيريز جون شروعاتي 2 ميچون کيڏندڙ فهيم اشرف وطن واپس موٽي آيو. پي سي بي جو چوڻ آهي ته فهيم اشرف جي وطن واپسي جي صورت ۾ ڪنهن کي متبادل جي طور تي يو اي اي نه موڪليو ويندو ڇو ته پنج فاسٽ بالر محمد عامر، محمد عباس، جنيد خان، محمد حسنين ۽ عثمان شنواري پهريان ئي امارات ۾ موجود آهن.06

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں