آءِ پي ايل: ڪنگز اليون پنجاب رويل چئلينجرز کي 14 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

2Shares

جئپور(اسپورٽس نيوز) ڪنگز اليون پنجاب رويل چئلينجرز کي 14 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب راجسٿان رائلز ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ڪنگز اليون پنجاب پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽنجي نقصان تي 184 رنسون ٺاهيون. ڪرس گيل 47 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 79 رنسن جي اننگ کيڏي، سرفراز خان 46 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. راجسٿان رائلز طرفان اسٽوڪس 2، ڪلڪرني ۽ گوٿم هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. رويل چئلينجرز مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنسون ٺاهي سگهي. راجسٿان رائلز طرفان جوز بٽلر 43 بالن تي 2 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 69 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي رن آئوٽ ٿي ويو، سيمسن 30 ۽ رهاني 27 رنسون ٺاهيون. ڪنگز اليون طرفان ڪيورن، مجيب الرحمان ۽ راجپوت 2-2، ايشون هڪ وڪيٽ ورتي. ڪرس گيل کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں