اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان احتجاج لاءِ اپوزيشن کي ڪنٽينر فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر آڇ ڪري ڇڏي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اين آر او لاءِ بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، اپوزيشن هن وقت پنهنجي ڪرپشن بچائي رهي آهي، اپوزيشن کي احتجاج جو شوق آهي ۽ ڪنٽينر ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اين آر او لاءِ بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، اپوزيشن هن وقت پنهنجي ڪرپشن بچائي رهي آهي . وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ نگران حڪومت قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته افغانستان ۾ آزاد چونڊون ڪرايون وڃن ته جيئن افغان عوام پنهنجي قيادت جي پاڻ چونڊ ڪري. هن چيو ته، طالبان قيادت سان افغان حڪومت جي اعتراض سبب ملاقات نه ٿي سگهي، اسان طالبان سان ڳالهين جا حامي آهيون. وزيراعظم چيو ته ٽيم ۾ ڪجهه ڪمزور رانديگر به هوندا آهن پر آئون پنهنجي ڪابينا مان مطئمن آهيان. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن مان مطئمن آهيان، آهي ٻئي چڻا پاڻ کي مڃرائيندا. عمران خان چيو ته اپوزيشن هن وقت پنهنجي ڪرپشن بچائي رهي آهي، اپوزيشن روڊن تي آئي ته ڪنٽينر ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته، عربي سمنڊ مان تيل ۽ گيس جا ايشيا کان سڀ کان وڏا ذخيرا نڪرڻ وارا آهن. وزيراعظم چيو ته نيب آزاد آهي، نيب جي مٿان ڪو به دٻاءُ نه آهي، نيب کي چيو آهي ته وڏن ڪرپٽ ماڻهن ۾ هٿ وجهي. هن چيو ته، نيب طبقاتي نظام تحت ڪارروائي ڪندو آهي، جنهن سبب ڪرپشن جو خاتمو نه ٿي سگهيو آهي. ان موقعي تي صحافي پاران سوال ڪيو ويو ته نوازشريف کي ڪهڙي قانون تحت ملڪ کان ٻاهر علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي؟ جنهن تي وزيراعظم عمران خان چيو ته بلاول ڀٽو زرداري نيب کان ڊنل آهي، جنهن سبب روئي رهيو آهي، کيس خبر هئڻ گهرجي ته مٿس ڪيس مسلم ليگ ن جي دور ۾ ٺهيا. عمران خان چيو ته، شريف خاندان پنهنجي بي گناهي ۾ اڄ ڏينهن تائين هڪ ثبوت به نه ڏنو آهي پر آئون 45 سالن جي ڪيريئر جو حساب ڏنوآهي. پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسان سڀني کي وڌيڪ خطرو دهشگردي مان آهي، هندوستان سان ايندڙ اليڪشن تائين لاڳاپن ۾ بهتري جي اميد نه آهي. عمران خان چيو ته، هندوستان ۾ اليڪشن ٿيڻ ٿيڻ هر وقت تيار رهڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڳوڻي حڪومت کان گهڻا ئي مسئلا ورثي ۾ مليا، اپوزيشن حڪومت کي پارلياميڻٽ ۾ ڳالهائيڻ جو به موقعو نه ٿي ڏئي جڏهن ته حڪومت مڪمل تعاون ڪري ٿي، شهباز شريف کي پي اي سي چيئرمين بڻايو، سعد رفيق کي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا. وزيراعظم جو چوڻ هو ته هاڻ ڪابه بليڪ ميلنگ نه هلندي ۽ نه ئي ڪو اين آر او ملندو، نواز شريف هڪ فيڪٽري مان 30 فيڪٽريون ٺاهي ورتيون پر 30 سالن جي حڪومت ڪرڻ باوجود هڪ اهڙي اسپتال نه ٺاهي سگهوي جتي سندس علاج ٿئي، نواز شريف کي ڪهڙي قانون جي تحت علاج لاءِ ٻاهر موڪليون، هاڻ ڪوبه قانون ناهي، کيس علاج بابت حڪومت مڪمل سهولتون ڏئي رهي آهي، هو ملڪ جي اندر جتي چاهي علاج ڪرائي سگهي ٿو. ايان علي ۽ بلاول ڀٽو جون ايئر ٽڪيٽس هڪ ئي جعلي اڪائونٽ مان ڪڍيون ويون هيون، پيپلز پارٽي ماضي ۾ جعلي اڪائونٽس وسيلي اربين ڊالرن جي مني لانڊرنگ ڪئي. آمريڪي صدر سان ملاقات جي باري ۾ وزيراعظم چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ انتظاميه طرفان پيغام مليو آهي پر اڃان ڪابه ملاقات يا ڳالهه ٻولهه طئه ناهي، آمريڪا پاڪستان کي پئسو ڏيندو هو ته اسان جي جنگ وڙهو، هاڻ پاليسي ۾ تبديل آئي آهي آمريڪا اسان جي تعريف ڪري رهيو آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟