وڏو وزير نيب آڏو پيش، بيان رڪارڊ، پنڊي جو تجربو سٺو ناهي، جي آءِ ٽي رپورٽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي: مراد علي شاهه

1Shares

اسلام آباد(بيورو) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پهريون ڀيرو قومي احتساب بيورو جي آفيس ۾ پيش ٿي ويو جتي ان کان ٺٽو شوگر مل ۽ دادو شوگر مل جي نيلامي بابت سوال ڪيا ويا. نيب ذريعن موجب سنڌ جو وڏو وزير جعلي اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ طلبي تي نيب راولپنڊي جي آفيس ۾ پهريون ڀيرو پيش ٿيو. نيب جي سي آءِ ٽي سنڌ جي وڏي وزير کي 50 سوالن تي ٻڌل سوالنامو ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ ٺٽو شوگر مل ۽دادو شوگر مل جي وڪري بابت سوال به موجود هئا. ان کان علاوه سي آءِ ٽي سنڌ جي وڏي وزير کان گذريل حڪومتي دور ۾ ناڻي واري صوبائي وزير طور اومني گروپ لاءِ هڪ ارب روپين جي سبسڊي منظور ڪرڻ بابت به سوال ڪيا. سنڌ جي وڏي وزير کان اڳ صوبي جي اڳواڻ وقتي وڏي وزير فضل الرحمان کان به سوال ڪيا ۽ ان کان دادو شوگر ل جي نيلامي جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هن نيب کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ان وٽ لڪائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي جڏهن ته هو نيب سان تعاون ڪندو. نيب راولپنڊي جي آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ان ڪيس ۾ سندس خلاف نيب وٽ ڪجهه به ناهي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته نيب ٽيم هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ ٺٽو شوگر ملز جي حوالي سان سوال ڪيا جنهن جا هن مناسب جواب ڏنا آهن. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته گڏيل جاچ ٽيم ان جي ۽ پ پ چيئرمين خلاف رپورٽ ۾ جيڪو نتيجو ڪڍيو هو ان ۾ خاميون هيون جنهن جي باري ۾ عدالتي فيصلي ۾ به لکيل آهي. هن چيو ته ٺٽي شوگر ملز جو ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ کان وٺي سندس ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته مان نيب طرفان هرائڻ تي سندن شڪرگذار آهيان ڇو ته اڄ منهنجو موقف به ورتو ويو. ٻئي طرف نيب پاران جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه کي ٻن هفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، مليل جوابن جي روشني ۾ کيس ٻيهر گهرائڻ جو فيصلو ٿيندو. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ڪيس جي جاچ سڌي ريت نيب چيئرمين جي نگراني ۾ ٿي رهي آهي، نيب آئين ۽ قانون تحت جاچ منطقي انجام تائين پهچائڻ تي يقين رکي ٿو، ڪنهن دٻاءُ ۾ اچڻ کانسواءِ نيب ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندي رهندي. نيب پڌرنامي ۾ چيو ته اسان جو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ ناهي، هر هڪ جي عزت نفت جو احترام آهي، ميڊيا التوا هيٺ انڪوائريز ۽ انويسٽيگيشنز تي افواهن کان پاسو ڪري، نيب بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪين خبرن تي قانوني ڪارروائي جو حق رکي ٿي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں