ڪراچي(نمائندن وٽان) ڏهرڪي مان اغوا ٿيل ڀينرون بازياب نه ٿيون، احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا. خبر موجب ڏهرڪي لڳ ڳوٺ حافظ سليمان مان هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيل ڀينرون روينا ۽ رينا ميگهواڙ وزيراعظم جي حڪم باوجود بازياب نه ٿي سگهيون، نه ئي ظاهر ڪيون ويون. واقعي خلاف ميگهواڙ برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٻئي طرف سنڌ ۾ ھندو برادري جي نياڻين کي زوري اغوا ڪري سندن جبري مذهب تبديل ڪرائڻ قاري عمل خلاف باڊھ جي ھندو پئنچائت پاران مکي سوڀراج مل، نارو مل، ونود ڪمار، ڀيمن داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باڊھ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي پئنچائت جي اڳواڻن دانهيندي چيو ته سنڌ ۾ ڪافي عرصي کان ڌرتي ڌڻين ھندو برادري سان ظلم ۽ زيادتين جو سلسلو جاري آهي. ھنن چيو ته ڪجھ نام نهاد مذھبي اڳواڻ ھندن جون ناريون اغوا ڪري زبردستي سندن مذھب تبديل ڪرائي ساڻن جبري نڪاح وڌا پيا وڃن جيڪو انتھائي شرمناڪ عمل آهي ۽ اسان اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ھنن چيو ته تازو ڏھرڪي مان ٻن ھندو نارين کي اغوا ڪري زبردستي نڪاح پڙهايا ويا آهن جيڪو وڏو ظلم ۽ ناانصافي آهي. مورو ۾ جسقم بشير گروپ پاران ڏهرڪي مان ٻن هندن نارين کي اغوا ڪري مذهب مٽائي زبردستي شاديون ڪرائڻ خلاف امتياز کوسو، امين ڪلهوڙو، نعيم پيرزادو، جڳديش ڪمار ۽ ڀيرومل جي اڳواڻي ۾ مورو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ ڪيترن ئي ڪارڪنن شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ سنڌي هندن سان ظلم ۽ زيادتيون ٿي رهيون آهن هر روز سنڌي هندو واپاري آفيسر نوجوان اغوا ۽ قتل ٿين ٿا ۽ انهن جون نياڻيون اغوا ڪري زبردستي انهن جو مذهب مٽرائي شاديون ڪيون وڃن ٿيون انهن کي ڪوبه تحفظ نه آهي هاڻي ڏهرڪي مان ٻن هندو نارين کي اغوا ڪري گم ڪيو ويو آهي انهن جو زبردستي مذهب مٽايو ويو آهي هنن مطالبو ڪيو ته ڏهرڪي جي ٻن اغوا ٿيل نارين کي بازياب ڪرايو وڃي سنڌي هندن ۽ نارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔ جيئي سنڌ تحريڪ ڪرناڻي گروپ ۽ جسـاف آريسر گروپ پاران پنوعاقل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين عمران بلو، سرمد بلو ،ادو انقلابي ۽ ٻئن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ هندو نياڻين کان کنڀي جبري مذهب مٽائڻ کليل دهشتگردي آهي اقليتي برادري سان ناانصافيون بند ڪيون وڃن هنن چيو حڪومت کي گهرجي ته اقليتي برادرين سان ٿيندڙ ناانصافين جو سختي سان نوٽيس وٺي انهن کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪئي وڃي. ٻئي طرف ايڊيشنل آءِ جي سکر ڊاڪٽر جميل احمد چيو آهي ته رينا ۽ روينا جي شادي وارو معاملو رٿابندي تحت ٿيو ۽ جوڙين کي سنڌ مان پنجاب منتقل ٿيڻ لاءِ مقامي مذهبي تنظيم جي حمايت حاصل هئي. ايڊيشنل آءِ جي سکر ڊاڪٽر جميل احمد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڏهرڪي واسي نارين کي 24 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جن نوجوانن سان ڇوڪرين جي شادي ڪرائي وڳئي آهي، اُهي سندن ئي پاڙي جا آهن ۽ نوجوانن توڙي نارين جي وارثن جي هڪٻئي جي گهرن ۾ اچ وڃ رهندي هئي. هن چيو ته نارين اغوا وارو معاملو رٿابندي تحت ٿيو آهي، جنهن ته ناريون سنڌ-پنجاب سرحد پار ڪري رحيم خيار خان پهتيون، جوڙن کي مقامي مذهبي تنظيم جو سهڪار حاصل هو. اي آءِ جي سکر چيو ته نارين جي اعترافي بيان تي ٻڌل وڊيو ته جاري ٿي آهي پر سندن بازياب ٿيڻ تائين اهو پتو نٿو پئجي سگهي ته هُنن مرضيءَ سان بيان ڏنو آهي يا دٻاءُ ۾ اچي بيان ڏنو. ڇوڪرين کي جلد بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ اُن کانپوءِ سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هُن چيو ته سنڌ پوليس ٻن ڏينهن کان رحيم يار خان ۾ موجود آهي ۽ پنجاب پوليس سان به مسلسل رابطن ۾ آهيون، ڇوڪريون گهوٽڪيءَ ضلعي جي حدن ۾ موجود هجن ها ته معاملو گهڻو اڳ حل ٿي وڃي ها. اُميد ته هن معاملي جو جلد ڊراپ سين ٿي ويندو. ٻئي طرف گهوٽڪي ضلعي مان مبينا طور اغوا ٿيل نارين تحفظ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. رينا ۽ روينا مڙس برڪت علي ۽ صفدر سان گڏ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ گهرو وزارت، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي، آءِ جي پوليس پنجاب، آءِ جي سنڌ، آءِ جي اسلام آباد ۽ پيمرا سميت قومي اسمبلي جي ميمبرن رميش ڪمار ۽ هر لال کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ميڊيا ۾ هندو نارين بابت غلط پروپيگنڊا هلائي پئي وڃي، غلط پروپيگينڊا سبب ٻنهي ڀيڻن ۽ سندن مڙسن جي جان کي خطرو آهي. عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ڀيڻن وڏي عرصي کان اسلام کان متاثر هيون، موتمار ڌمڪين سبب اسان اسلام قبول ناهي ڪيو. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 23 مارچ 2019ع تي پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان جي تعليقي خانپور جي بار اڳيان نارين اسلام قبول ڪرڻ جو باقاعدا اعتراف ڪيو. درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته ٻنهي ڀينرن جي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ٻئي طرف عدالت درخواست جي اڄ ٻڌڻي ڪندي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟