ٿرڪول ۽ پاڻي سوڌو مختلف منصوبن ۾ گهوٻين جو انڪشاف، وڏي وزير کي جاچ جو حڪم

6Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊي جِي آڊٽ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هلندڙ منصوبن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته پاڻي، انفرا اسٽرڪچر ۽ ٿرڪول سميت مختلف منصوبن ۾ گهوٻيون هنيون ويون،  عدالت سنڌ جي وڏي وزير کي معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن ۾ گهوٻين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران ڊي جي آڊٽ پاران اِنيشيٽو کاتي بابت  رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته ٿر، بدين ۽ ٺٽي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ شروع ڪيل منصوبن ۾ وڏي پئماني تي گهوٻيون هنيون ويون. آڊٽ رپورٽ موجب انيشيٽِو کاتي جـَي سمورن منصوبن ۾ اربين رپين جون گهوٻيون  سامهون آيون آهن، پاڻي جا ڪيترائي منصوبا ناڪاره ٿي چڪا آهن. جسٽس گلزار احمد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جِي حڪومت ڪٿي آهي؟ هڪ سئو ارب رپين جون گهوٻيون هنيون ويون، سنڌ سرڪار ڇا ڪري رهي آهي؟ جسٽس گلزار احمد ايڊووڪيٽ جنرل ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته ڪيڏانهن ويا صاف پاڻي جي فراهمي جا واعدا، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل جواب ڏنو ته سنڌ حڪومت پوري ڪوشش ڪري رهي آهي ۽  وڏي وزير بدران چيف سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪئي وڃي.  سٽس گلزار رمارڪس ۾ چيو ته حڪومت وڏو وزير هلائي رهيو آهي ۽ رپورٽ چيف سيڪريٽري کان ڇو طلب ڪيون، وڏو وزير چئن هفتن ۾ جاچ مڪمل ڪري ۽ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي  وڃي. واضح رهي انيشيٽوِ کاتي پاران ٿر ۽ بدين سميت مختلف ضلعن ۾ صاف پاڻي جي فراهمي، جڏهن ته ٺٽي ۾ يونيورسٽي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ايئرپورٽ ۽ انفرااسٽرڪچر جا منصوبا شروع ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ وڏي پئماني تي گهوٻيون سامهون آيون آهن. عدالت چيو ته سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه پاڻ جوابدا آهي، رپورٽ پيش ڪري. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته سمورا پئسو کيسن ۾ ويو ۽ ڪرپشن جي ور چڙهي ويو، حڪومت جو بنيادي ڪم عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي آهي، اوهان شفاف طريقي سان ترقياتي ڪم به نه ڪري سگهيو، اپيشل انسٽيٽيوٽ ڊپارٽمينٽ، ٿر ڪول اٿارٽي ۽ موبائل ايمرجنسي يونٽ جي نالي تي اربين روپين جي ڪرپشن ٿي.

6Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں