پاڪستان هڪ حقيقت آهي، ڀارت کي تسليم ڪرڻو پوندو، امن جي خواهش کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي: صدر عارف علوي

8Shares

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان هڪ حقيقت آهي ۽ اسان هڪ زنده ۽  آزاد قوم آهيون ۽ ڀارت کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو خطي کي امن جي ضرورت آهي اسان کي جنگ بدران تعليم صحت ۽ روزگار ڏيڻ تي گهڻو ڌيان ڏيڻ گهرجي اسان جي اصل جنگ غربت ۽ بيروزگاري جي خلاف آهي اسان جمهوري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان ويڙهه تي يقين نٿا رکون هر مسئلو ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا امن جي خواهش کي ڪڏهن به اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي اسان ڊگهي جنگ کان پوءِ دهشتگردي تي ڪنٽرول ڪري ورتو. هاڻي ان تي وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي پاڪستان جي فوج جي پيشاوراڻي صلاحيت اهليت ۽ معيار جو ڪوئي مٽ نه آهي سرحدن تي وطن جي دفاع جو فرض نڀائيندڙن کي سلام پيش ڪيان ٿو پاڪستان الحمد الله محفوظ آهي پاڪستان جو عوام ڊگهي جنگ کان ڇوٽڪرو چاهي ٿو ان جي خواهش ۾ ان سان گڏ آهيون سرحدن تي ڇڪتاڻ واري صورتحال جي باوجود پريڊ جو اهتمام فوج جي بلند حوصلن جو مظهر آهي پاڪستان کي ترقي ۽ ڪاميابي جي رستي تي آڻڻ جو وقت اچي ويو پڙهيل لکيل ملڪ شهيد ۽ غازين لاءِ بهترين تحفو هوندو ڇنڇر تي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو ته سڄي قوم کي هي پاڪستان جو ڏهاڙو مبارڪ هجي هن چيو ته  سڀ کان اڳ اسان کان الله تعاليِٰ جو شڪر ادا ڪيون ٿا جنهن اسان کي آزادي جهڙي عظيم نعمت عطا فرمائي ۽ ان کان به وڌيڪ اسان کي پنهنجي پياري وطن جي حفاظت ڪرڻ جي همت ۽ اهليت بخشي 23 مارچ اسان جي قومي تاريخ جو اهو سنگ ميل آهي جنهن  ڏينهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن قرارداد پاڪستان جي صورت ۾ آزادي حاصل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو ان ڏينهن هن هڪ اهڙِ آزاد مسلم رياست قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي جتي اهي پنهنجي معيشت سياست، دين اسلام جي عالمگير اصولن جي روشني ۾ قائم ڪري سگهن ۽ دنيا لاءِ مثالي رياست جو ماڊل پيش ڪري سگهن. قاعداعظم محمد علي جناح جي قيادت ان ۾ اهو روح ڦوڪيو جو مسئلن وسيلن ۽ حالتن جون بندشون ان مقصد ۾ رنڊڪون نه بڻجي سگهيون. ۽ نيٺ پاڪستان جي صورت ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ حاصل ڪري ورتو هن چيو ته اڄ سڄي قوم پاڪستان ڏهاڙو هن وچن ورجائڻ سان ملهائي رهي آهي ته اسان انهن خيالن نظرين ۽ قدرن کي مٿي رکندي حال ۽ مستقبل جي رٿا ڪنداسين. پاڪستان کي الله تعاليءِ جي عظيم نعمت سمجهندي ان جي بقا سلامتي ايڪي اتحاد ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائينداسين ۽ هڪ زنده قوم طور اقبال ۽ قاعداعظم جي فڪرن مطابق پاڪستان جي تعمير ڪنداسين. پاڪستان اسان جي سڃاڻپ بڻيو ته ان سان گڏ ئي اسان کي لامحدود چئلينجز سان به منهن ڏيڻو پيو اسان جي قومي تاريخ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها آيا ماضي ۾ اسان جي آزادي ۽ خودمختياري جي خلاف سازشون ڪيون ويون ۽ اسان تي جنگيون مڙهيون ويون اسان جي تازي تاريخ ۾ اسان کي پنهنجي قومي تاريخ جي سڀ کان وڏي چئلينج دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پيو اسان دنيا جي واهد قوم آهيون جنهن ايڏي ڊگهي ويڙهه وڙهي. اڻ ڳڻيون جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون پر همت عزم مهارت ۽ حڪمت عملي سان دهشتگردي جو مقابلو ۽ الحمدالله دهشتگردن کي پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو قوم جي عزم ۽ پاڪ فوج جي جرئت ۽ بهادري سبب اسان نه رڳو ڪامياب ٿياسين پر هڪد فعو ٻيهر امن ۽ قومي تعمير ۽ ترقي جي رستي تي هلي رهيا آهيون هن چيو ته الحمد الله اسان اڀرندڙ معاشي طاقت هجڻ سان گڏوگڏ دفاعي لحاظ کان مضبوط ۽ هڪ پرامن ايٽمي طاقت آهيون دنيا جي سمورن ملڪن جي خودمختياري ۽ سالميت جو احترام ڪندي پرامن گڏيل بقا جي اصول تي يقين رکون ٿا. جڏهن ته اهو به واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته امن جي هن خواهش کي اسانجي ڪڏهن به ڪمزوري نه سمجهيو وڃي پاڪستان هڪ حقيقت آهي ۽ پاڪستاني هڪ زنده ۽ آزاد قوم آهيون مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ هندستان کي به هاڻي هن حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته آخر ۾ پريڊ جي شاندار اهتمام تي مان پريڊ ڪمانڊر، پريڊ ۾ شريڪ فوج جي جٿن ۽ ٻين شريڪ ٿيندڙ ۽ انتظاميه کي به مبارڪون ڏيان ٿو. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ هٿياربند فوج جي شاندار پريڊ ڪرائي وئي جڏهن ته دفاعي سامان جي نمائش به ٿي. اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ رٿيل هٿياربندن فوج جي پريڊ ۾ چين، سعودي عرب ۽ آذر بائيجان جي جٿن به شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، بچاءَ وارو وزير پرويز خٽڪ، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود، ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان، وائس ايئر چيف سان گڏ سلامي جي چبوتري تي ويٺا. صدر عارف علوي سميت خاص مهمان جي آمد بعد ميدان ۾ قومي ترانو وڄايو ويو، تلاوت ڪئي وئي جنهن بعد صدر عارف علوي کي هٿياربند فوج جي جٿن سلامي پيش ڪئي، صدر هٿياربند فوج جي پريڊ جو معائنو ڪيو.  صدر عارف علوي کي سلامي پيش ڪرڻ کانپوءِ هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان جي سربراهيءَ ۾ جنگي جهازن صدر کي سلامي پيش ڪئي  جڏهن ته ايئر چيف ڪاڪٽ پٽ مان سڌو پيغام به ڏنو. ايئر چيف جي سربراهيءَ ۾ هوائي فوج جي ايف 16 جهازن فلائي پاسٽ ڪيو جنهن دوران جهازن جي گجگوڙ وفاقي راڄڌاني جي ماحول کي گرمائي ڇڏيو. ايئر چيف مارشل ايف 16 جهازن ۾ پريڊ گرائونڊ جا چڪر هنيا ۽ فضا ۾ بلند ٿي ويا. جي ايف 17، ايف 16 ميراج ۽ ايف سيون پي جهازن به فلائي پاسٽ ڪيو. صدر عارف علوي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪيو ۽ شاندار پريڊ ڪرائڻ تي هٿياربند فوج ۽ انتظاميه کي مبارڪباد پيش ڪئي. پاڪ فوج، رينجرز ۽ سامونڊي فوج جي جٿن معزز مهمانن کي سلامي ڏني ۽ الخالد ٽئنڪ جي جٿن به مخصوص انداز ۾ سلامي پيش ڪئي.  تقريب ۾ دفاعي سامان جي نمائش ڪئي وئي جنهن ۾ دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکندڙ الخالد ٽئنڪ سميت ٻين ٽئنڪن ۽ ميزائلن جي به نمائش ڪئي وئي.  تقريب ۾ پرڏيهي مهمانن بحرين جي نيشنل گارڊ جي سربراهه ۽ آذر بائيجان جي بچاءَ واري وزير به شرڪت ڪئي. حڪومتي شخصيتن، پرڏيهي سفارتڪارن، اعلي سول ۽ فوجي اختيارين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن به شرڪت ڪئي.  پاڪستان جي ڏهاڙي تي اسلام آباد ۾ صبح جي شروعات 31 توپن جي سلامي سان ڪئي وئي جڏهن ته چئني صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني وئي.0

8Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں