ڪجهه عنصر شهر جو امن بگاڙڻ جي پويان آهن، ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: وڏو وزير

1Shares

 ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ، ناليواري عالم دين مفتي تقي عثماني سان ملاقات ڪرڻ کيس ڪورنگي ۾ واقع دارالعلوم مدرسي پھتو جتي ھن گذريل ڏينھن ڪراچي جي علائقي نرسري تي ٿيندڙ مولانا تي قاتلاڻي حملي بابت ان جي خيريت معلوم ڪئي جنھن ۾ ھو محفوظ رھيو. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروس ناصر حسين شاھھ، مڪاني کاتن وارو وزير سعيد غني ۽ اطلاعات بابت وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب پڻ ھئا. ملاقات ۾ ٿيندڙ گفتگو ۾ وڏي وزير تقي عثماني سان مخاطب ٿيندي چيو تھ اللھ پاڪ اوھان تي ٻاجھھ ڪئي تھ حملي ۾ اوھان ۽ اوھان جا گھرڀاتي محفوظ رھيا، اوھان تي قاتلاڻي حملي جو مونکي گھڻو ڏک پھتو آھي. ھن چيو تھ ڪجھھ عناصر شھر جي امن بگاڙڻ جي پويان آھن پر اسان انھن جي خراب مقصدن ۾ انھن کي ڪامياب ٿيڻ بلڪل نھ ڏينداسين. مولانا تقي عثماني صاحب وڏي وزير کي واقعي بابت تفصيلي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو تھ کين چئني پاسن کان گوليون وسايون ويون. جنھن تي وڏي وزير مولانا صاحب کي خاطري ڪرائيندي چيو تھ اوھان تي ٿيندڙ حملي ۾ ملوث دھشتگردن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو. ملاقات ۾ وڏي وزير چيو تھ آئون گذريل ڏينھن ئي اچڻ پئي گھريو پر سوچيم اوھان جي پوئلڳن جو اوھان وٽ اظھار يڪجھتي لاءِ اچ وڃ گھڻي ھوندي انھيءَ ڪري فون تي ڳالھائي خيريت معلوم ڪئي ھئي، پر مڪاني کاتي جي وزير سعيد غني کي اوھان وٽ اماڻيو ھوس. مولانا صاحب وڏي وزير کي پنھنجي مدرسي بابت پڻ ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو تھ مدرسي ۾ 9 ھزار شاگرد ديني تعليم پرائي رھيا آھن جڏھن تھ ٽي ھزار شاگرد ھاسٽل ۾ رھائش پذير آھن ۽ شاگردن کي ميٽرڪ ۽ او ليول جي ديني تعليم پڻ ڏياريون پيا. وڏي وزير چيو تھ ڪنھن ڏينھن وقت ڪڍي کيس مدرسي جو دورو بھ ڪندو.انکاپوءِ وڏو وزير سيد مراد علي شاھھ، شھيد ٿيندڙ محافظ فاروق جي گھر ويو جتي ھن شھيد سپاھي جي پيءُ سان تعزيت ڪندي واقعي جي مذمت ڪئي. وڏي وزير  کي ٻڌايو ويو تھ سپاھي فاروق جا ٽي ٻار پيدائشي انڌا آھن ۽ ھو پنھنجي ڪٽنب جو اڪيلو ڪمائيندڙ ھو. وڏي وزير پنھنجي تعزيتي گفتگو ۾ چيو تھ پيءُ جو نعم البدل ڪونھي. ھن شھيد محافظ جي پٽن کي چيو تھ اسان اوھان کي پيءُ جي کوٽ محسوس ٿيڻ نھ ڏينداسين. ان موقعي تي ھن شھيد سپاھي جي نابينا ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ جو اعلان ڪندي چيو تھ ٻارن کي تعليم جھڙي زيور سان نوازينداسين. ھن لاڳاپيل عملدارن کي اسپيشل ٻارن جي علاج معالج لاءِ پڻ ھدايت ڪئي.ان کانپوءِ  وڏي وزير ميڊيا سان مختصراً ڳالھائيندي چيو تھ تمام گھڻو تڪليف  ڏيندڙ واقعو آھي. وڏي وزير واقعي جي سخت مذمت ڪندي صحافين کي ٻڌايو تھ ٻھ پوليس جا محافظ شھيد ٿيا آھن ۽ اسان وارثن جي ڏک ۾ سڀ برابر جا شريڪ آھيون. ھن شھيد محافظ فاروق بابت چيو تھ ھن پنھنجي جان جو نذرانو ڏئي ملڪ دشمنن، شھر ۾ امن بگاڙڻ ۽ ڏڦير پکيڙندڙن جي ڪوششن  ڪندڙن کي سخت جواب ڏنو. وڌيڪ ٻڌايو تھ دنيا ۾ ھڪ پيءُ جي کوٽ ڪير بھ پوراءُ نھ ٿو ڪري سگھي.اسان سڀني جو فرض آھي تھ شھيد جي گھرڀاتين جو خيال رکون. ھن ٻڌايو تھ سنڌ حڪومت پوري ڪوشش ڪندي تھ شھيد جي اسپيشل ٻارن جي تعليم، سارسنڀال ۽ کين مالي ڏکائين جو پڻ خيالن رکي ڇوتھ شھيد سپاھي پنھنجي خاندان سوڌو پنھنجي بيواھ ڀيڻ جي ٻارن جو بھ اڪيلو ڪمائيندڙ ھو. 01

1Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں