اسلام فوبيا جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ڪرپشن روڪڻ لاءِ پاڪستان اسان جي تجربن مان فائدو وٺي سگهي ٿو: مها تير محمد

1Shares

اسلام آباد (بيورو) ملائيشيا جي وزراعطم مهاتير محمد چيو آهي ته بدعنواني جي حوالي سان سخت ڳڻتي آهي ڪرپشن جي پاڙپٽڻ لاءِ اسان جي تجربن مان فائدو وٺي سگهجي ٿو انتهاپسندي ۽ اسلامو فوبيا جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون پاڪستان ملائيشيا وچ ۾ سڌي سيڙپڪاري تي ڳالهه ٿي آهي معيشت ۽ واپار ۾ سڌاري لاءِ گڏجي ڪوشش ڪنداسين جڏهن ته وزيراعطم عمران خان ڪرائسٽ چرچ حملي کي اسلامو فوبيا جو نتيجو قرار ڏيندي چيو ته دنيا ۾ ڄاڻي واڻي اسلام فوبيا جي ترغيب ڏني ويئي مهاتير محمد جو بدعنواني جي خلاف موقف ساراهه جوڳو آهي بدعنواني انساني ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي ۽ ڪنهن به ملڪ کي ڪمزور ڪري ڇڏي ٿي جمعي تي ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد جي اعزاز ۾ وزراعظم هائوس ۾ اجياڻو ڏنو ويو مهاتير محمد جي وزيراعظم هائوس پهچڻ تي عمران خان معزز مهمانن جي آجيان ڪئي وزيراعظم هائوس ۾ پاڪ فوج جي ڦڙٿ جٿن معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو مهاتير محمد پريڊ جو معائنو به ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي قومي ترانن جون ڌنون به وڄايون ويون وزيراعظم عمران خان مهاتير محمد جو ڪابينه ميمبرن سميت ٻين سينيئر عملدارن سان تعارف ڪرايو ملائيشيا جي وزيراعظم به پنهنجي پاڪستاني هم منصوب جو پنهنجي وفد سان تعارف ڪرايو ڪابينه ميمبرن سان تعارف کان پوءِ مهاتير محمد پران وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو لڳايو ويو ملائيشيا جي وزير، وزيراعظم عمران خان ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد وزيراعظم هائوس ۾ گڏيل نيوز ڪانفرنس ڪئي ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسلامو فوبيا مسلمانن کي نقصان پهچايو دهستگردي مسلم ملڪن کي سخت متاثر ڪيو دنيا ۾ ڄاڻي واڻي اسلامو فوبيا جي ترغيب ڏني ويئي عمران خان چيو ته اولهه ۾ اسلامو فوبيا پکڙيو ۽ ڪنهن به هڪ مسلمان پاران ڪيل ڏوهه کي هڪ ارب 30 ڪروڙ مسلمانن سان جوڙيو ويو هن چيو ته نيوزيليند واقعي ۾ دهشتگرد بي رحمي سان مردن عورتن ۽ ٻارڙن جو رت وهايو ۽ وڊيو ٺاهي ان تي ان کي ڪوئي افسوس به نه ٿيو هن چيو ته مهاتير محمد جو بدعنواني خلاف موقف تعريف جوڳو آهي هن چيو ته منهنجي جماعت 22 سال اڳ ڪرپشن جي خلاف جدوجهد شروع ڪئي اسان سمجهون ٿا ته ملڪ غريب ناهي هوندو ڪرپشن ان کي غريب ڪري ڇڏيندي آهي ڪرپشن سان ادارا تباهه ٿي ويندا آهن ان ۾ انساني وسيلن تي خرچ ٿيندڙ رقم ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿي عمران خان چيو ته ڊاڪٽر مهاتير محمد جو دورو پاڪستان لاءِ اعزاز آهي کين مسلمانن جي قائد جي حيثيت سان ڏسون ٿا مهاتير محمد جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيون ٿا ملائيشيا مسلم دنيا لاءِ ماڊل طور اڀريو ۽ هن مسلم دنيا جي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو ان موقعي تي ڊاڪٽر مهاتير محمد چيو ته پاڪستان اچڻ تي خوش آهيان ۽ يوم پاڪستان جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي هن چيو ته وزيراعطم عمران خان سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿي مسلم قوم جي مسئلن تي وزيراعظم عمران خان سان ڳالهه ٿي واپار وڌائڻ لاءِ قدمن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي پاڪستان ملائيشيا وچ ۾ سڌي سيڙپڪاري تي به ڳالهه ٿي معيشت ۽ واپار ۾ بهتري لاءِ گڏجي ڪوشش ڪنداسين اسان ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جا قانون معلوم هئڻ گهرجي ته جيئن واپارين کي سيرپڪاري ۾ آساني ٿئي مهاتير محمد چيو ته بدعنواني جي حوالي سان سخت ڳڻتي آهي ڪرپشن جي پاڙ پٽڻ بابت پاڪستان اسان جي تجربن مان فائدو وٺي سگهي ٿو جڏهن ته انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديو اسلامي فوبيا جي خاتمي لاءِ به ڪوششون ڪرڻيون پونديون هن چيو ته اسان ڪافي اهڙن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهن ٿا ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي جيڪڏهن اسان پنهنجو واپار وڌائينداسين ته معيشت بهتر ٿيندي مسلم دنيا تي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته اڄوڪي دنيا ۾ ڪوئي هڪ مسلم ملڪ کي ترقي يافته تصور نٿو ڪيو وڃي جڏهن ته ملائيشيا جو عزم آهي ته 2020 کان 2025 تائين ترقي يافته ملڪ بڻجون اهو ئي نه پر ٻين مسلمانن کي به ترقي يافته ڏسڻ چاهيون ٿا ڪرائسٽ چرچ سانحي تي ڳالهائيندي هن چيو ته هن واقعي ۾ 9 پاڪستاني ۽ 3 ملائيشيا جا ماڻهو قتل ڪيا ويا ۽ هي عمل ان نفرت جو آهي جيڪا پکيڙي ويئي. ٻئي طرف پاڪستان ۽ ملائيشيا دفاع، واپار، زرات ۽ ٻين شعبن ۾ ٻطرفو سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪري ورتو، ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان ملائيشيا سان پنج وڏن منصوبن جي مفاهمتي يادداشتنامن تي صحيحون ڪيون آهن، ملائيشيا جي ايف 17 جهازن جي خريداري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد جي گڏيل پريس ڪانفرنس کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وفدن وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. ان موقع تي ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن کانسواءِ ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر، فواد چوڌري، خسرو ختيار، واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائو، زلفي بخاري ۽  هارون رشيد   به موجود هئا. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ملائيشيا سان پنج وڏن منصوبن جي يادداشتنامن تي صحيحون ٿيون آهن، دوست ملڪ جي ايف 17  جهازن جي خريداري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي  آهي ۽ ملائيشيا ۾ ٿيندڙ دفاعي نمائش جي دعوت به ڏني آهي. اسد عمر چيو ته وفد چيو آيه ته ملائيشيا جي ميزائل برآمد ڪرڻ واري معاهدي تي جلد عمل ڪيو ويندو. ناڻي واري وفاقي وزير چي ته ملائيشيا پاڪستان کان گوشت ۽ چاور خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، بنهي ملڪن وچ ۾ بينڪن جون شاخون کولڻ تي اتفاق ٿيو آهي، سياحت جي شعبي ۾ ملائيشيا جي تجربن کان فائدو حاصل ڪنداسين.04

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں